پ پ قائم علي شاهه کي عسڪري قيادت سان ملاقات ۽ خورشيد شاهه کي وفاقي حڪومت سان وڇوٽيون ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي عسڪري قيادت سان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ جو فيصلوڪندي سيد قائم علي شاهه کي آپريشن بابت غلط فهميون دور ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيئي ڇڏيو آهي ذريعن مطابق لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عسڪري قيادت سان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ سيد قائم علي شاهه ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ آصف زرداري جي بيان کان پوءِ پيدا ٿيل خدشا ۽ تحفظات دور ڪيا ويندا اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي ذميواري ڏني ويئي ته هو وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ان ڏس ۾ هو وزيراعظم نوازشريف سان جلد ملاقات ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *