سول حڪومتون عوام کي بنيادي شيون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون : الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪڪ) ايم ڪيو ايم جي باني تحريڪ الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل سريف کي مخطاطب ٿيندي ان کي اپيل ڪئي ته جتي جتي سويلين حڪومتون وفاقي حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون مثال طور گئس بجلي ۽ پاڻي جهڙيون بنيادي شيون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين اتياتي اوهان سمورن علائقائي ڪمانڊرن سب ڪمانڊرن ۽ يونٽ ڪمانڊرن کي ارجنٽ هدايت ڏيو ته اهي ميدان عمل ۾ اچي اهڙي طرح محنت سان عوام کي هي بنيادي سهولتون فراهم ڪن جهڙي طرح اهي زلزلن ٻوڏن قدرتي آفتن ۽ ٻين موقعن تي پنهنجي روزمره جا سمورا معاملا ڇڏي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ايندا رهيا آهيو الطاف حسين چيو ته اهڙي طرح هڪ طرف عوام جون ڏکيائيون ۽ انهن جون پريشانيون گهٽجي وينديون جڏهن ته ٻئي طرف ڪروڙين عوام پاڪ فوج کي دعائون ڏيندو هن چيو ته هائيڊرنگ پاران پاڻي جا ٽينڪر اڄ به وڪرو ڪيا پيا وڃن بجلي اڄ به چوري ٿي رهي آهي ۽ گئس جا ناجائز ڪنيڪشن گئس جي قلت جو سبب بڻجي رهيا آهن الطاف حسين ڪراچي جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهو ان ڏکئي وقت ۾ صبر ڪري هڪٻئي جي مدد جي اصول مطابق هڪٻئي جون ڏکيائيون حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيو الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ڪارڪنن ۽ همدرد عوام کي الله ۽ ان جي رسول جو واسطو ڏيئي ان کي اپيل ته بجلي گئس ۽ پاڻي جي روانگي جو نظام مرمت ۽ انهن سهولتن جو عدم فراهمي جو سبب بڻجندڙ ٻيا فالٽ دور ڪرڻ لاءِ جڏهن انهن ادارن جاآفيسر ۽ ملازم اوهان جي علائقن ۾ پهچن ته اوهان انهن تي تشدد نه ڪيو ۽ نه ئي انهن جون گاڏين ۽ سامان کي نقصان پهچايو پر عملي سان مڪمل تعاون ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *