ڪراچي ۾ تيز برسات، ٻن ڏينهن اندر 200 جانيون ڳڙڪائيندڙ گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب فوتين جو انگ 200 کان وڌي وڃڻ کاپوءِ برسات شهرين ۾ ساهه وجهي ڇڏيو، ڪراچي ۾ صبح کان ئي سخت گرمي کانپوءِ منجهند جو آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجڻ شروع ٿي ويا ۽ پوءِ اوچتو مختلف علائقن ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي، ڪورنگي، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ هڪ هفتي کان گرمي توڙي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳيندڙ ڪراچي واسين سک جو ساهه کنيو، گادي واري شهر ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ هجڻ ڪري رڳو 24 ڪلاڪن اندر 150 کان وڌيڪ ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا هئا،جنهن کانپوءِ اڄ وڌيڪ 50 ماڻهن جي ساهه جوسڳو ٽٽي پيو ۽ انگ 200 تائين وڃي پهتو، موسميات کاتي جي ڊي جي مطابق ڪراچي ۾ اڱاري کان جمعي تائين ساهي ساهي سان وسڪاري جو امڪان ظاهر ڪيو هو پر اڄ منجهند ڌاري شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز وسڪاري گرمي ۾ ڪڙهندڙ شهرين ۾ ساهه وجهي ڇڏيو،موسميات کاتي مطابق اڄ کان سامونڊي پٽي تي هوا گهلڻ سبب گرمي جو زور ٽٽندو، جڏهن ته اڄ رات ڪراچي ۾ گرمي پد 30 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ڊويزن ۾ به برسات جو امڪان آهي، ان کانسواءِ ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ پڻ 24 ڪلاڪن دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *