پ پ سربراهه جو سول اسپتال ڪراچي جو دورو، هيٽ اسٽروڪ جي مريضن جي عيادت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سول اسپتال ڪراچي جو دورو ڪيو. بلاول ڀٽو سول اسپتال جي مختلف وارڊز ۾ هيٽ اسٽروڪ جي مريضن جي عيادت ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو. ان موقعي تي هن هيٽ اسٽروڪ جي مريضن جي بهتر علاج لاءِ ڊاڪٽرن کي هدايتون ڪيون. هن متاثر مريضن جي بهتر علاج ۽ کين ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سول اسپتال جي ڊاڪٽر ن ، پيپلز پارٽي جي سربراهه کي مريضن کي ملندڙ سهولتن کان آگاهه ڪيو. هنن ٻڌايو ته مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون ملي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *