بجلي مسئلن جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ ۽ وفاقي حڪومت آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انفارميشن ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قدرتي آفت تي سياست چمڪائڻ ان آفت سان فوت ٿيندڙن سان ناانصافي جي مترادف آهي. جيڪڏهن ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جو بحران نه هجي ها ته 50 سيڪڙو ماڻهو فوت نه ٿين ها پر انهن ۾ گهٽتائي ٿئي ها. گرمي جي شدت سبب سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ ماڻهن جي مرڻ جي ذميوار وفاقي وزارت پاڻي ۽ بجلي ۽ ڪي_اليڪٽرڪ آهي.ڪراچي ۾ گرمي جي شدت سان فوت ٿيندڙن ۾ وڌيڪ ضعيف ۽ وڏي عمر جا مرد ۽ عورتون آهن ۽ گهڻن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو سبب گهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ  بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي.حڪومت سنڌ طرفان سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ گرمي سبب ايندڙ مريضن لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي آهي، ۽ عملي جو موڪلون به منسوخ ڪيون ويون آهن. سالانه اربين روپين جو منافعو ڪمائيندڙ ڪي_اليڪٽرڪ انتظاميه خود ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته انهن وٽ ترسيلي نظام سٺو ناهي ۽ شديد گرمي ۾ انهن جو نظام ناڪاره ٿي ويوهو.اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن عباسي شهيد اسپتال جي اوچتي دوري کان پوءِ اتي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي روشن شيخ، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي سميع صديقي، ڊي سي سينٽرل افضل زيدي ۽ ٻيا موجود هئا.شرجيل انعام ميمڻ عباسي شهيد اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ، آءِ سي يو ۽ هيٽ اسٽروڪ سان متاثر ٿيل مريضن لاءِ ٺاهيل خصوصي وارڊن جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود مريضن ۽ انهن گهرڀاتين سان خيريت معلوم ڪئي. ان موقعي تي اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ صوبائي وزير کي مريضن کي  ڏنل طبي امداد ۽ ٻين سهولتن کان مڪمل آگاهي ڏني. شرجيل انعام ميمڻ اسپتال انتظاميه جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي حوالي سان تفصيل طلب ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته سڀئي ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف 24 ڪلاڪ پنهنجن ڊيوٽن تي حاضر رهن.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته موجوده صورتحال ۾ شديد گرمي ۽ حبس سان گڏوگڏ بدترين بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب سنڌ ۾ سيڪڙن جي تعداد ۾ معصوم جانيون ضايع ٿيون آهن. هن چيو ته اڃا به ڪراچي جي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ گرمي جي شدت سبب مريضن کي آندو پيو وڃي ، جڏهن ته سيڪڙن جي تعداد ۾ روزانو هيٽ اسٽروڪ سان متاثر ٿيندڙ مريضن جو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ سنڌ حڪومت طرفان سڀئي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ مڪمل سرڪاري مشينري موجود آهي.هن چيو ته اسان پهرين ترجيح عوام کي ان ڳالهه جي مڪمل آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته هيٽ اسٽروڪ سان ڪنهن صورت ۾ بچي سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪو گرمي جي شدت سبب بيمار ٿئي ته هو فوري طور تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪري. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي پبلسٽي به ڪئي پئي وڃي ۽ عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪي ايم سي ۽ ڪمشنر ڪراچي جي هيلپ لائينن تي فوري طور تي رابطو ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خود اليڪٽرڪ جي انتظاميه ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته انهن وٽ ترسيلي نظام  ايترو سٺو ناهي جو سخت گرمي يا هلڪي بارش ۾ به عوام کي مڪمل طور تي بجلي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سالانه اربين روپين جو منافعو ڪمائيندڙ ڪي_اليڪٽرڪ ترسيلي نظام تي ڪجهه به خرچ ناهي ڪيو ۽ مان اهو وضاحت سان چوان ٿو ته گرمي جي شدت سبب سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ فوت ٿيندڙن جي ذميوار وفاقي وزارت پاڻي ۽ بجلي ۽ ڪي اليڪٽرڪ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلديات کاتي ۾ گوسڙو ملازمن خلاف مهم جاري آهي ۽ عباسي شهيد اسپتال جي 140 گوسڙو ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن.جڏهن ته 33 ملازمن کي فائنل شوڪاز کانپوءِ انهن کي ملازمتن مان فارغ ڪيو ويو آهي جن ۾ 27 ڊاڪٽرز به شامل آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت جي هاڻي واضح پاليسي آهي ته ڪنهن به کاتي ۾ هاڻي گوسڙو ملازم برداشت نه ڪيا ويندا.جيڪي ملازم سرڪاري ملازمت ڪندا اهي ڊيوٽي ڏيندا، ائين نه ڪندڙن لاءِ سرڪاري ادارن جا دروازا بند ڪيا ويندا.هڪ سوال جي جواب م شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان اشو تي سياست نه چمڪائي وڃي.هن چيو ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف طرفان ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪي_اليڪٽرڪ خلاف مقدما درج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،آءُ انهن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته جڏهن پشاور ۾ شديد بارشن سبب ماڻهو فوت ٿيا ۽ ان صوبي جو وزيراعليٰ اسلام آباد ۾ اسٽيج تي ڌرڻي ۾ رقص ڪري رهيو هو. ان وقت انهن کي عوام جي ڪهڙي مصيبت ياد آئي هئي.هن چيو ته عوام جي فوت ٿيڻ تي سياست ڪرڻ انهن فوت ٿيندڙن ۽ انهن جي وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڄي صوبي ۾ ضلعي انتظاميه مڪمل هاءِ الرٽ آهي. سڀني ضلعن ۾ سنڌ حڪومت، صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ سڀني ادارن طرفان ڪئمپ لڳايا ويا آهن ۽ عوام کي سڀ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن اهو واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿئي وڃي ته هي بحران مڪمل طور تي ختم ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *