ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ گرمي سٽيل وڌيڪ 26 ڄڻا فوت، انگ 1130 ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ گرمي سٽيل وڌيڪ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي 11 سئو 30 ٿي ويو، ڪراچي جي ڪمشنر شهر جي 60 هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪري ڇڏيا. ريسڪيو ذريعن موجب شهر جي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ گذريل رات کان وڌيڪ 26 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ گرمي وگهي فوت ٿيل مريضن جو انگ 354 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پٽيل اسپتال ۾ هينئر تائين 36 مريض فوت ٿي چڪا آهن. شهر جي مختلف اسپتالن ۾ اڃا به هزارين متاثر داخل آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن ايڌي سرد خاني ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 35 لاش منتقل ڪيا ويا، ترجمان مطابق انهن لاشن مان 15 لاوارث آهن، لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي ته سڀاڻي انهن جي تدفين ڪئي ويندي. ٻئي طرف ڪراچي جي ڪمشنر شهر جي 60 هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *