پ پ جو روڊن تي اچڻ جو اعلان، نيازي جو هر واعدو ۽ هر دعويٰ ڪوڙي نڪتي: بلاول زرداري

سکر (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خميس تي مهانگائي جي خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري کلندي جيل هليو ويو، فريال ٽالپر قرباني ڏني، قيادت کي مستقبل ۾ به جيتريون قربانيون ڏيڻون پيون اسان تيار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار پ پ چيئرمين سکر ۾ پ پ جي ورڪرز ڪنويشن کي خطاب دوران ڪيو. بلاول ڀٽو جي تقرير جي شروعات بينظير ڀٽو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي ڪئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام لاءِ پيپلز پارٽي اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان جو هر هڪ واعدو ۽ هر دعويٰ ڪوڙي نڪتي، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪوڙو نڪتو عوام دوست بجيٽ ۾ هڪ نوڪري به ناهي دشمن بجيٽ ۾ هڪ گهر به ناهي، 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو به ڪوڙو نڪتو بجيٽ ۾ ڪرپٽ کي کليل ڇوٽ ڏيڻ ۽ قرباني جي جانور تائين جو مني ٽريل گهرڻ ڪهڙو نظام آهي هن چيو ته جيستائين اسان جا جمهوري آئيني حق محفوظ نه هوندا معاشي حق به محفوظ نه ٿا ٿي سگهن آصف علي زرداري عالمي، معاشي بحران جي باوجود پينشن ۽ پگهارن ۾ اضافو ڪيو جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي سان سياسي ويڙهه آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته سڄي صوبي کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي. پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. خميس تي سکر ۾ مهانگائي جي خلاف ڌرڻو هنيو ويندو ۽ سکر کان پنجاب بارڊر تائين ريلي ڪڍي ويندي پ پ چيئرمين چيو ته فوج کي پولنگ اسٽيشن ۾ بيهاري اداري کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. هڪ عمران لاءِ فوج کي تڪراري ڇو ڪيو پيو وڃي، فاٽا لاءِ فوج کي پولنگ اسٽيشن کان هٽائڻ جو فيصلو سٺي ڳالهه آهي اميد ڪريان ٿو ته گهوٽڪي جي پولنگ اسٽيشنز تان به فوج کي ٻاهر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *