سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ترديد، هي مون کان اين آر او جا ٽي لفظ ٻڌڻ چاهن ٿا: عمران خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي. وفاقي وزير علي زيدي، حماد اظهر، فيصل واوڊا سميت واپاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيد به وزيراعظم سان گڏ ڪراچي آيا آهن. وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس ۾ واپارين ۽ آٽو موٽوو سيڪٽر جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سراج قاسم تيلي، جنيد اسماعيل مڪده، زبير موتي والا ۽ ٻيا به موجود هئا جڏهن ته حڪومت ٽيم مان گورنر سندس عمران اسماعيل ، بورڊ آف انويسٽمنٽ جو چيئرمين سيد زبير حيدرگيلاني، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، سڌارن بابت صلاحڪار عشرت حسين، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير حماد اظهر، سامونڊي معاملن بابت وزير علي زيدي ۽ آبي وسلين وارو وزير فيصل واوڊا به موجود هو . ملاقات ۾ وفدن طرفان ٽيڪس نظام ۾ سڌارن، مهانگائي تي ظابطو، اسمگلنگ جي روڪٿام، ڪاروبار ۾ سولائي، سيڙپڪاري کي هٿي، روزگار جا موقعا وڌائڻ جي حوالي سان به تجويزون پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي واپارين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ جو مقصد اهو ئي اهي ته اوهان مسئلا حل ڪريان، منهنجي سڄي ٽيم هتي موجود آهي ته جيئن مسئلن جو فوري حل ڪڍيو وڃي، اسان جي پهرين ترجيح غربت جو خاتمو ۽ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ آهي جنهن ۾ توهان جي مدد گهرجي. عمران خان چيو ته ڪاروباري برداري ڀائيواري بڻجي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري.  ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته بزنس ڪميونٽي سان گڏجي ملڪ کي مٿي کڻي وينداسين، هي مون کان اين آر او جا ٽي لفظ ٻڌڻ چاهن ٿا.اهڙن خيالن جو اظها هن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزير اعظم چيو ته هڪ سال ۾ جيترو ٽيڪس گڏ ٿيو ان جو اڌ قرضن جي وياج تي ادا ڪيو. وزير اعظم چيو ته جيستائين ملڪ پنهنجي پاڻ کي تبديل نٿو ڪري، اسان قرضن ۾ ٻڏندا وينداسين، دنيا ۾ صنعتون وڌي رهيون آهن پر هتي پوئتي وڃي رهيون آهن، صنعتڪارن سان ملاقات جو مقصد هو ته انڊسٽريلائزيشن کي اڳتي وڌايو وڃي، سيڙپڪاري جي لاءِ مختلف ملڪن سان ايم او يو ڪيا آهن. هن چيو ته ماهوار خسارو 2 ارب ڊالرن کان گهٽ ٿي هڪ ارب ڊالر تي اچي ويو آهي، آمريڪا وڃي رهيون آهيان پاڪستاني سفارتخاني ۾ رهندس، حڪومتي خرچ گهٽ ڪري رهيو آهيان. وزير اعظم چيو ته ملڪ ۾ 10 کان 12 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي، چوري، ڪرپشن، مني لانڊرنگ تي سزا نه ڏينداسين، ته ملڪ جو ڪو به مستقبل نه هوندو چين پنج سالن ۾ هزارين ماڻهن کي ڪرپشن تي جيلن ۾ وڌو، جيڪڏهن ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب نه ڪنداسين ته هي ملڪ کي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين، پهرين ڏينهن کان هي سڀ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، افراتفري مچائي رکي آهي، هي مون کان اين آر او جا لفظ ٻڌڻ چاهن ٿا. ماضي ۾ جيڪو اين آر او ڏنو ويو، ان سان ملڪ تباهه ٿيو، جيڪي چون ٿا ته حڪومت  ڪيرائي ڇڏيو اُهي ماڻهو اين آر او چاهن ٿا انهن جي ڪرپشن جي ڪري اڄ حالتون ڏکيون آهن، عوام ڏکيائي ۾ آهي، شبر زيدي ۽ مون ذميواري کنئي آهي ايف بي آر کي ٺيڪ ڪنداسين، ساڍا 5 هزار ارب رپيا ٽيڪس جو هدف گڏجي پورو ڪنداسين، ٽيڪس نه ملڻ ۽ نوٽ ڇاپڻا پيا ته ملڪ هائپر انفليشن جو شڪار ٿي ويندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪنهن ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي ائين ٿيندو، آصف زرداري صدر طور دبئي جا 40 دورا ڪيا، هو ڇا ڪرڻ ويندو هو؟ نواز شريف لنڊن جا 20 خانگي دورا ڪيا ڇو ته هن جا محل ٻاهر آهن. پهرين ڏينهن کان هي سڀ گڏ آهن ته حڪومت ڪيرايو حالانڪ زرداري ۽ نواز شريف پاڻ هڪ ٻئي تي ڪيس بڻايا. وزير اعظم چيو ته 60 سالن ۾ ملڪ تي 6 هزار ارب رپيا قرض هو، انهن ماڻهن 10 سالن ۾ قرض 30 هزار ارب رپين تائين پهچائي ڇڏيو،  اڄ انهن کي خوف آهي، هي جمهوريت کي بچائڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آحن، هن قوم کي ڦريو ويو، هي حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان ملڪي سياست جو 12 هون رانديگر آهي، جن ملڪن ۾ غربت وڌيڪ آهي اُتي به زرداري ۽ نواز شريف جهڙا ويٺا آهن، حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ پيسا مني لانڊرنگ جي ذريعي ٻاهر موڪليا ويا پوءِ اُتان ٽي ٽي سان واپس آيا. هن چيو ته دوست ملڪن اسان کي ريڪارڊ پيڪيج ڏنا آهن، دوست ملڪ پيڪيج نه ڏيڻ ها ته اسان جو ڏيوالو نڪري چڪو هجي ها، مون کي چيو پيو وڃي ته ملڪ ڦريندڙن کي ڇڏي اڳتي وڌو، ائين نٿو ٿي سگهي ڇو ته اِهو ملڪ سان غداري جي برابر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *