نيب پنهنجو ڪم سپريم ڪورٽ کان ڇو ڪرائڻ چاهي ٿو؟: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب پنهنجو ڪم سپريم ڪورٽ کان ڇو ڪرائڻ چاهي ٿو. چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ايديشنل ڪلڪٽر ٽيڪس لاهور محمد اقبال احمد جي بريت خلاف نيب اپيل جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. عدالت فيصلو ٻڌايو ته فريادي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر جيڪڏهن جوابدار خلاف ٻيو ڪيس آهي ته نيب پنهنجي جاچ جاري رکي. نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته محمد اقبال احمد 8 بي نامي ملڪيتون غيرقانوني طور خريد ڪيون ۽ اڳتي وڪرو ڪيون. چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته الزام ثابت ڪرڻ ته توهان جو ڪم آهي، نيب پنهنجو ڪم سپريم ڪورٽ کان ڇو ڪرائڻ چاهي ٿو، توهان جي پنهنجي حڪومت آهي پنهنجو ڪم پاڻ ڪريو، اسان پهريان به چيو آهي ته توهان جي ڪم نه اينداسين، جيڪڏهن مالڪ ۽ بي نامي دار پاڻ چئي رهيا آهن ته ملڪيت اسان جي ناهي ته پوءِ نيب وٽ ڪهڙو ثبوت آهي، توهان جي غلطي آهي ته 342 جا درست سوال عدالت ۾ پيش نه ڪيوَ. احتساب عدالت محمد اقبال احمد کي 2006ع ۾ 10 سال قيد ۽ هڪ ڪروڙ ڏنڊ هنيو هو پر هاءِ ڪورٽ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو هو. نيب جوابدار جي بريت خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو جنهن نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *