پڙهيل لکيل نوجوان داعش جو وڏو هدف آهن، تمام گهڻو هوشيار رهن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ جو دورو ڪيو آهي، آرمي چيف آءِ ايس پي آر ۾ انٽرن شپ ڪندڙ نوجوانن سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته الله پاڪستان کي ذهين ۽ متحرڪ نوجوانن سان نوازيو آهي، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن سان جڙيل آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستاني فوج اندروني، بيروني خطرن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، آرمي چيف چيو ته پورو يقين آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جو احساس آهي، هر پاڪستاني شهري آپريشن ردالفساد جو سپاهي آهي، آرمي چيف چيو ته پاڪستان نوجوان ملڪ کي امن ۽ خوشحالي طرف وٺي ويندا، نوجوان ميرٽ ۽ قانون جي حڪمراني تي عمل ڪن، نوجوان ڪاميابي جي لاءِ شارٽ ڪٽس طرف نه وڃن، هن چيو ته پورو يقين آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جو احساس آهي، تشدد، دهشتگردي کان ملڪ کي نجات ڏيارڻ ۾ پاڪ فوج عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي، هن چيو ته پاڪ فوج هڪ محفوظ ۽ مستحڪم پاڪستان جي قيام لاءِ عزم ڪيو آهي، پائيدار امن لاءِ اسان مان هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، پڙهيل لکيل نوجوان داعش جو وڏو هدف آهن، تمام گهڻو محتاط رهن، نوجوان شاگرد سوشل ميڊيا تي بيانن وقت چوڪس رهن، نوجوان داعش سان جڙيل تنظيمن کان به محتاط رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *