ايران سان ثقافتي، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سان ايران جي سفير مهدي هنردوست ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران فلم ڪميشن جي قيام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ايراني سفير فلم ڪميشن جي قيام ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ايران سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، هن چيو ته ايران سان ثقافتي، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *