تعليم کاتي ۾ 13 هزار ڀرتيون جائز قرار، پير مظهر خلاف جاچ ختم

ڪراچي(اين اين آءِ)نيب سنڌ ۾ پ پ پ  جي اڳوڻِي صوبائي وزير پير مظهر الحق تعليم کاتي ۾ 13 هزار جعلي ڀرتين جي  انڪوائري ختم ڪري ڇڏي. خميس تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پير مظهرالحق جي نيب انڪوائري ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي ، نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي انڪوائري جي نتيجن جي موجب پير مظهرالحق جي دور ۾ تعليم کاتي ۾ ڪابه ڪرپشن نه ٿي ان ۾ نه ته سرڪاري آفيس جو استعمال ٿيو ۽ نه ئي سرڪاري ناڻي کي ڪو نقصان ٿيو ان لاءِ جعلي ڀرتين کي انڪوائري ختم ڪئي وڃي. نيب آڪٽوبر 2015 ۾ پير مظهر الحق جي وزارت جي دور ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ڀرتين جي جاچ شروع ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *