پي ڊي ايم پاران وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي اتفاق ٿي ويو. مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ اپوزيشن اتحاد جو اجلاس ٿوي جنهن ۾ مريم نواز سميت ٻيا اڳواڻ شهباز شريف جي گھر شريڪ ٿيا جڏهن ته لنڊن کان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به آن لائين شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس ۾ لانگ مارچ ۽ بي اعتمادي جي رٿ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن سان به رابطو ڪنداسين.  ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظ۾ جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کان اڳ مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي ملاقات ٿي، ن ليگ جي صدر آصف علي زردري ۽ بلاول سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي اعتماد ۾ ورتو،  ن ليگ ۽ پ پ بي اعتمادي جي رٿ تي اتفاق ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *