اولمپڪس کيڏندڙ پهرين پاڪستاني رانديگرياڻي ماحور شهزاد مڱڻو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ بيڊ منٽن رانديگرياڻي ماحور شهزاد مڱڻو ڪري ڇڏيو. اولمپيئن 25 ورهين جي ماحور شهزاد جي مڱڻي جي رسم سومر جي ڏهاڙي تي ٿي، هن ميجر فيضان عالم سان  مڱڻو ڪيو آهي. ٽوڪيو اولمپڪس ۾ شرڪت جو اعزاز حاصل ڪندڙ قومي ويمن بيڊمنٽن چيمپيئن ماحور شهزاد جو تعلق راندين سان چاهه رکندڙ گهراڻي سان آهي. ماحور جي ننڍي ڀيڻ رابعه شهزاد انٽرنيشنل ويمن پاور لفٽر آهي ۽ ڪيترائي بين الااقوامي ٽائيٽل کٽي چڪي آهي، هن جو والد محمد شهزاد باسڪٽ بال جو انٽرنيشنل رانديگر رهڻ سان گڏ روئنگ جو انٽرنيشنل ماسٽر چيمپيئن به آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *