موقف واضع آهي ته اسان ڪنهن به صورت ٿرڪينال بڻجڻ نه ڏينداسين: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو واضع موقف آهي ته اسان ڪنهن به صورت ٿرڪينال بڻجڻ نه ڏينداسين، آئي آر ايس ۾ ايترو پاڻي ناهي جو نئون ڪينال بڻجي سگھي. پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت ضد تي آهي ته ٿر ڪينال کي بڻايو وڃي. هن ڪينال جي بڻجڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جيڪا پهريئن ئي سمنڊ کائي رهيو آهي ان ۾ وڌيڪ تباھي پکڙجي ويندي. عمران خان پاران وزيرن کي نه ڄاڻي ڪهڙي ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن ۽ خبر ناهي ته انهن جي قابليت کي جانڄ جو پئمانو ڇا آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ واقعا ٿي رهيا آهن اهي ڪنهن به صورت قابل برداشت ناهين ۽ ان حوالي سان سنڌ جي وزير اعليٰ واضع هدايت ڏني آهي انهن واقعن ۾ جيڪو به ملوث هيو ان جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. لانگ مارچ عوام جي حق خودحاڪميت جي بحالي جي لاءِ آهي ۽ اهو مارچ انشاءِ الله 27 فيبروري تي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ڪراچي کان روانو ٿيندو اهڙن خيالن جو انهن ٻنهين وزير سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر عبدالجبار خان به ساڻن موجود هو. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ايڪنڪ ۾ سنڌ گريٽر ٿر ڪينال جي مخالفت ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي پر وفاق هاڻي ٻيهر ان منصوبي کي پلاننگ اينڊ ڪميشن ۾ موڪليو آهي. هن چيو ته ٿيڻو ته اهو هو جو هي معاملو ايڪنڪ ۾ اچڻ کان پهرين اتي وڃي ئي نه ها. وفاق پاران ان معاملي کي بائي پاس ڪيو ويو ۽ ان کي سڌوسئون ايڪنڪ ۾ آندو ويو. هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ پلاننگ اينڊ ڪميشن جي ٽيم موڪلي ۽ انهن پاران اٿاريل سوالن تي سنڌ ڀرپور ڪيس پيش ڪيو. ڄام خان شورو چيو ته 2018 ۾ جڏهن اسان سي سي آئي ۾ اهو ڪيس پيش ڪيو هو ته ان وقت جي اٽارني جنرل کي ان معاملي تي وفاق پاران مقرر ڪيو ويو ۽ اٽارني جنرل منصور علي خان جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ان بعد سنڌ اهو ڪيس کٽي ويو آهي. هنن چيو ته وفاق پاران هن رپورٽ جي ابتڙ قدم مذمت جي لائق آهي. هن چيو ته اسان سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون ڇو ته ٿرڪينال جي تعمير سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي ۽ پهرين ئي پاڻي جي قلت جيڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بدين، ٺٽي ۽ ڪيٽي بندر ۾ سمنڊ حوالي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ اپوزيشن ۾ ويٺل ميمبرن جيڪي وفاقي حڪومت جا ساٿي آهن انهن کي به سنڌ جي حوالي سان آواز اٿارڻ گھرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ بئراج ايمپاورمنٽ جي تحت گڊو بئراج ۽ سکر بئراج جو ڪم جاري آهي ۽ ورلڊ بينڪ هڪ نئين فزيبلٽي تيار ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته تعليمي ادارن سميت ٻيا جيترا به واقعا ٿيندا آهن اهي ڏوھ آهي ۽ ڏوهن کي ٿيڻ کان پهرين روڪي نٿو سگھجي. هن چيو ته ڏوھ ٿيڻ کان پوءِ پوليس يا ٻيا امن امان لاڳو ڪندڙ ادارا ان جي خلاف ڪارروائي نه ڪن ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بڻجي ٿي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرين سان ٿيندڙ واقعن جي رپورٽ به سنڌ حڪومت پاران ان تي ورتل نوٽيس کان پوءِ آئي هي. سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ اهڙي قسم جا واقعا ڪنهن به صورت قابل قبول ناهين. ان سان تعليمي ادارن جو تقدس پامال ٿيندو آهي ۽ ڇوڪرين ۽ انهن جي والدين ۾ به عدم تحفظ پيدا ٿيندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن واقعن ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي ۽ ان ۾ ذڪر ڪيل اداري جا ماڻهون ملوث هئا ته انهن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ سنڌ ۾ اسيمبلي جي ميمبرن جي انگ جي حساب سان 11 سيڪڙو ماڻهن کي وزير بڻائي سگھجي ٿو ۽ ڪابينا ۾ 18 وزير آهن ۽ جڏهن ته کاتا ان کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته گھرو وزارت جو قلمدان وزير اعليٰ وٽ هجي يا ڪنهن ٻئي وزير وٽ ڪارروائي ته آفيسرن کي ڪرڻي آهي وزير اعليٰ يا وزير پاڻ ته ڪارروائي نٿا ڪري سگھن. لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان جماعت اسلامي  ۽ پي ايس پي سان ٿيل ڳالھ ٻولھ ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي جي روشني ۾ وڌيڪ ترميمون ڪيون ويون آهن ۽ ان کي جلد ئي ڪابينا کان منظور ڪرائي اسيمبلي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ئي اسان ڪجھ ترميمون ڪيون هيون ۽ وڌيڪ ترميمون به ڪيون ويون آهن هن چيو ته مان پهرين ڏينهن کان ئي چئي رهيو هيس ته ترميمون اسيمبلي جي فلور تي ئي ممڪن آهن. وزير اعظم پاران وزيرن کي ڪارڪردگي تي ايوارڊ جي سوال تي هن چيو ته مون کي معلوم ناهي ته عمران جي ڪارڪردگي جانچڻ جو پئمانو ڪهڙو آهي يا ته وزيرن کي انهن جي وزرات جي ڪم جي جانچ ٿيندي آهي يا انهن جي ذاتي جانچ ٿيندي آهي ڇو ته چند وزيرن کي چند مهينا پهرين انهن جي خراب ڪارڪردگي تي کين هٽائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هنيون. ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا مسلسل ٿي رهيا آهن ۽ گهرو وزير کي ايوارڊ ڏنو پيو وڃي هن چيو ته مراد سعيد جو پهريون نمبر اچڻو ئي هو ڇو ته جيڪو جانچڻ جو طريقو عمران خان جو آهي انهن ۾ هو لازمي پهريون نمبر ئي اچڻو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لانگ مارچ عوام جي حق حاڪميت جي بحالي جي لاءِ آهي ڇو ته هن ملڪ جي عوام تي جيڪا حڪومت مڙهي وئي ان حڪومت عوام جي حق حاڪميت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.                        

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *