پي ٽي آءِ وڪيل ن ليگ کي مرڪز رکيو آهي ثبوت آهن ته پيش ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد  (بيورو) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل حفيظ پيرزادي دليل مڪمل ڪري ورتا، ڪميشن پيپلزپارٽي جي اعتزاز احسن کي اڄ 11 هين وڳي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. 2013 جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ چيف جسٽس ناصر الملڪ پي ٽي آءِ جي وڪيل ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي دليلن ۾ ن ليگ کي مرڪز رکيو آهي، ن ليگ خلاف ڌانڌلين جا ثبوت آهن ته پيش ڪيا وڃن ۽ ڪميشن منظم ڌانڌلين جي جاچ ڪري پئي، ان نقطي تي ن ليگ جي وڪيل آڏو دليل ڏنا وڃن، جنهن جو جواب وڪيل پاڻ ڏيندو. حفيظ پيرزادي چيو ته هن گذريل ڏينهن به ساڳي نقطي تي دليل ڏنا هئا، اڄ به ساڳي نقطي تي دليل ڏيندو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي 76 لک ووٽ مليا پر ن ليگ هڪ ڪروڙ 48 لک ووٽ حاصل ڪيا، جيڪي 2008 وارين چونڊن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي هئا. حفيظ پيرزادي چيو ته ن ليگ رڳو پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک ووٽ حاصل ڪيا، عام چونڊن دوران سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ پنجاب کي ئي بڻايو ويو هو.  جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ۾ چيو ته 2013 جي چونڊن دوران پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت هئي، پر 2013 وارين چونڊن ۾ ان کي غير يقيني شڪست ٿي. حفيظ پيرزادي چيو ته ن ليگ ڪي پي ڪي جي نتيجن کي تسليم نه ڪيو پر چيلينج به ناهي ڪيو. حفيظ پيرزادي چيو ته سنڌ ۾ ن ليگ کي 2008  وارين چونڊن جي ڀيٽ ۾ 2013 ۾ گهٽ ووٽ  مليا، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ٻيهر حڪومت ٺاهي آهي. حفيظ پيرزادي چيو ته پنجاب ۾ چونڊن دوران 50 سيڪڙو تعليم کاتي جو هو، ان وقت سيڪريٽري تعليم کي تبديل نه ڪيو ويو،  پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير نجم سيٺي هڪ بيان ۾ چيو هو ته 26 اپريل بعد سندس اختيار ختم ٿي رهيا هئا، جيڪڏهن نگران حڪومت وٽ اختيار ئي نه هئا ته پوءِ پنجاب کي ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو هو؟. حفيظ پيرزادي چيو ته پنجاب جي ان وقت جي اليڪشن ڪمشنر محبوب انور حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ان بيلٽ پيپرز لاءِ ريٽرننگ آفيسرز کي مڪمل طور ڇوٽ ڏني. پ پ جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ ووٽن جا ٿيلها کوليا ويا آهن. اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ بي ضابطي تي چونڊن کي ڌانڌلي واري اليڪشن قرار ڏئي چڪي آهي. اعتزاز احسن جا دليل جاري هئا ته ڪميشن جو اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو، ڪميشن اعتزاز احسن کي اڄ 11 هين وڳي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *