ڪراچي ۾ وڌيڪ 8 ماڻهو فوت، ڪي اليڪٽرڪ جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ تي غور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ گرمي سٽيل  وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ انگ 12 سئو 70 کان وڌي ويو آهي. جناح اسپتال ۾ گرمي سٽيل پنجن ماڻهن دم ڏنو جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال ۾ ٽن ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ گرمي سٽيل هزارين ماڻهو اڃا تائين داخل آهن. ڊاڪٽرن موجب، ڪيترن ئي مريضن جي حالت اڃا تائين خراب آهي جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ وڌا جو خدشو برقرار آهي. بئي طرف وڏي وزير قائم علي شاهه وزيراعظم آڏو ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي، انتظاميا جي بريفنگ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو. سي ايم هائوس ۾ اجلاس دوران وڏي وزير قائم علي شاهه ڪراچي ۾ فوتگين بابت بريفنگ دوران ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايت ڪندي چيو ته گرمي دوران لوڊشيڊنگ سبب سوين ماڻهو فوت ٿيا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ وقت سر فالٽ درست ڪري ها ته ايڏي وڏي پئماني تي فوتگيون نه ٿين ها. ذريعن موجب وفاقي سرڪار اڳواٽ ئي ڪي اليڪٽرڪ جي ڪردار مان مطمئن ناهي، وڏي وزير جي شڪايت بعد ڪي اليڪٽرڪ جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *