وزيراعظم وفاق ۽ سنڌ وچ ۾ رابطي جو نظام بهتر بڻائڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم ميان نوازشريف وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ رابطي جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي وزيرن تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي،ڪميٽي ۾ عبدالقادر بلوچ، اسحاق ڊار ۽ خواجه آصف شامل هوندا، اها ڪميٽي سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ، بجلي جي رهتن واري تڪرار، مالي معاملن،فنڊ جاري ٿيڻ، وفاقي حڪومت پاران ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ هلندڙ ميگاپروجيڪٽس مڪمل ٿيڻ ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ رهندي ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪيا ويندا وزيراعظم وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بنائڻ ۽ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن بابت هر مهيني اجلاس ڪوٺائي سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطي جو نظام بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن آپريشن جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سي ايم هائوس ڪراي ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ۾ ڪيو ، ان موقعي تي چوڌري نثارعلي خان،مشاهد الله خان ،پرويز رشيد، عبدالقادر بلوچ ۽ سائره افضل تارڙ موجود هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن بابت ٻڌايو، وڏي وزير ، وزيراعظم کي صوبائي حڪومت جي اعتراضن کان آگاهه ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ حڪومت کي گهربل مالي وسيلا نه پيا ڏنا وڃن، جنهن ڪري صوبو مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي رهيو آهي ،وڏي وزير سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ عوامي اهنجن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته پاڻي ۽ بجلي جي وزارت کي ٻڌائڻ کانپوءِ به اڃا تائين بجلي فراهم ڪرڻ جا ادارا صوبائي حڪومت سان سهڪار نه پيا ڪن ۽ بجلي جي رهتن جي تڪرار کي به حل نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪراچي ۾ آپريشن لاءِ فنڊ جاري ناهن ڪيا ويا، نه ئي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جديد اوزار يا وسيلا ڏنا ويا آهن، آپريشن جا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪري رهي آهي،وفاقي حڪومت جي خاطري کانپوءِ به اسان جا مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن، وڏي وزير وزيراعظم کان گهر ڪئي ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ هيٺ سندس حصو ڏڻو وڃي، غيرقانوني لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ ترقياتي اسڪيمن ۽ ٻين معاملن ۾ فنڊ جاري ڪيا وڃن، وزيراعظم اهي سمورا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ وفاقي حڪومت پاران سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جا سمورا مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪندي ۽ انهيءَ حوالي سان لاڳاپيل وفاقي وزير سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ رهندا وزريراعظم چيو ته ڪراچي آپريشن کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو، وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت آپريشنل خرچن جا تفصيل ۽ سيڪيورٽي ادارن کي جديد اوزار ڏيڻ لاءِ گهربل ڄاڻ وفاق کي ڏئي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت گهربل فنڊ ۽ جديد اوزار ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *