پي ٽي آءِ وٽ ڪي ثبوت نه آهن، حقيقتون ٽوڙي مروڙِي پيش ڪيون ويون: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز ۽ محمد زبير اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪنٽينر تي ويهي طوطن جيان ڪهاڻيون ٻڌائيندڙن جا اڄ شرم کان ڪنڌ جھڪيل آهن، ٽاڪ شوز ۾ ڪاغذ گھمائي ڦيرائي 24 ملڪيتون ڏيکاريون ويون، پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته  اڄ اهي ثبوت ڪيڏانهن ويا، عمران خان، شيخ رشيد ۽ اعتزاز احسن سان گڏ ويهي ڪاغذ لهرائيندو هو ايندڙ اڱاري تائين سڀ شاهديون پيش ڪري ڇڏينداسين، ڪجھه پروگرامن جا ڪجھه حصا ڀڃي پيش ڪيا ويا، ايئن ان ڪري ڪيو ويو جيئن هٿ ٺوڪي ڪهاڻي ٺاهي سگھجي، چيو ويندو آهي ته وزيراعظم جي اولاد جي بيانن ۾ تضاد آهي، عمران خان ڪنٽينر تي ويهي چوندو هو ته کيس ملندڙ ٽرافي هن وزيراعظم کي ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ جا وڪيل چئي رهيا آهن ته وٽن ڪو ثبوت نه آهي، اڄ به پي ٽي آءِ جي وڪيل ثبوت نه ڏنا، وزيراعظم جي ٻارن بابت عدالت ۾ ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته شاهديون ڏيڻ جو موقعو ملي جيئن کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي ئي. دانيال عزيز چيو ته استعيفائن کان خبر ناهي انهن کي ڪهڙو لڳاءُ آهي، ان کان اڳ به اسان 35 پنچرن واري ڳالهه ٻڌي آهي. عمران خان، جهانگير ترين ۽ ٻين وٽ به آف شور ڪمپنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *