صوبن ۾ ويڇن جو ذميوار نواز شريف قرار، پ پ وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جڏهن به حڪومت ۾ آئي آهي ته صوبن ۾ نفرتون وڌي وينديون آهن صوبن کي وفاق سان ويڙهائڻ نواز شريف سيکاريو آهي وفاقي حڪومت سي پيڪ منصوبي کي هڪ صوبي تائين محدود نه ڪري. ان جا منفي اثر پوندا. ڪراچي ۾ بدامني جي صورتحال برداشت نه ڪئي ويندي محرم پرامن طور تي گذرڻ کانپوءِ شهر جون حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ضياءُ الحق جيڪو ٻج پوکيو هيو ان جا وڻ وڏا ٿي چڪا آهن. اهو تاثر نه ڏنو وڃي ڪنهن جي خلاف هڪ طرفي ڪارروائي ٿي رهي آهي سنڌ جو وڏو وزير سمورن کاتن جي ڊپارٽمينٽ ڪميٽين کي فوري طورملازمن کي گريڊ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن سومر تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. مولا بخش چانڊيو چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ امن جي صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي وڏي وزير واضح ڪيو آهي ته بدامني جي صورتحال برداشت نه ڪئي ويندي. گڏيل طور تي ڪراچي امن امان جي صورتحال بهتر آهي. فرقيواراڻن جهيڙن کي ختم ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير آفيسرن کي 10 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي ته جيئن خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وڃن. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي کي تڪراري نه بڻايو وڃي وفاقي حڪومت منصوبي کي هڪ صوبي تائين محدود نه ڪري جنهن جا خراب اثر پوندا.  ٻئي طرف پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ تاج حيدر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته يوسف رضا گيلانيءَ به استعيفيٰ ڏني هئي، نواز شريف به استعيفيٰ ڏئي، وزيراعظم عوام کي چوي ٿو ته ٽيڪس ڏيو پر پاڻ نه ٿو ڏئي، گڏيل مخالف ڌر جيڪو بل پيش ڪيو آهي ان کي منظور ڪيو وڃي، پاناما ليڪس هڪ سنجيده معاملو آهي ۽ هڪ وڏي رقم ملڪ کان ٻاهر وئي آهي، تاج حيدر جو چوڻ هو ته يوسف رضا گيلانيءَ عدلاتي فيصلي کي مڃيو ۽ اقتدار ٻئي وزيراعظم کي منتقل ڪيو، ملڪ هين وقت انارڪيءَ طرف وڌي رهيو آهي، عدالت جي فيصلي باوجود نواز ليگ جي حڪومت شهرن کي بند ڪيو، اسان بند ڪمري تائين ڳالهه نه ڪنداسين اسان احتجاج ڪنداسين، پاڪستان جي ٻنهي ايوانن ۾ پاناما بل تي احتجاج ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *