مريم نواز ٽيڪس ڏيندي آهي، وزير اعظم پاناما ڪيس مان ڪلين چٽ کڻي نڪرندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) مملڪتي سڌسماءَ واري وزير چيو آهي ته هاڻي الزامن جو وقت ختم ۽ ثبوت ڏيڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي ڪوڙ جي سياست ڪندڙ پهريان ثبوت نه فراهم ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪري سگهندا ڪوڙن الزام هڻندڙن کي عدالت ۾ شرمسار ٿيڻو پوندو سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌسماءُ واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هو هن وقت واسطيدار ثبوت نه آهي دستاويز آهن جيڪي 15 نومبر کان اڳ جمع ڪرايا ويندا هن چيو ته هاڻي الزامن جو دور ختم ٿي ويو. هن چيو ته وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري چڪو آهي. ۽ چئي چڪو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ٿئي مريم نواز باقاعدگي سان ٽيڪس ڏيندي آهي اهي ماڻهو جنهن جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ اهي عدالت ۽ جاچ ڪميشن کان ڀڄي رهيا هئا انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪنٽينر ۽ عدالتن ۾ وڏو فرق هوندو آهي هي ڪنٽينر نه آهي جڏهن چاهي چڙهي ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪيو وڃي. عدالتن ڌمڪين تي نه پر ثبوتن جي بنيادن تي فيصلو ڏيندي آهي ۽ پي ٽي آءِ هميشه ثبوت آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *