پي ٽي آءِ وفد متحده وٽ پهچي ويو، پرچائڻ جي ڪوشش، خالد مقبول صديقي استعيفيٰ واري فيصلي تي قائم

ڪراچي (م.ڊ) وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي وفد متحده پاڪستان کان استعيفيٰ جو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو وفد بهادر آباد ڪراچي پهتو، جتي متحده سان ڳالهيون ڪري سندن خدشا ٻڌايا ويا. ملاقات بعد اسد عمر ۽ خالد مقبول صديقي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سندن خواهش آهي ته خالد مقبول صديقي وفاقي ڪابينا ۾ رهي، پر هو وزارت ڇڏڻ واري پنهنجي فيصلي تي قائم آهي. جڏهن ته متحده پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي به وزارت تان اسعتيفيٰ واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هو وزارت ڇڏڻ واري فيصلي تي سئو سيڪڙو قائم آهي. ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته متحده وفد سان اتفاق آهي ته ڪراچي واسين لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، ڇاڪاڻ جو اُنهن کي پنهنجا حق نه مليا آهن. گورنر سنڌ جي تبديليءَ جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي اسد عمر چيو ته گورنر عمران اسماعيل زبردست ڪم ڪري رهيو آهي، سندس تبديلي جي ڪي به امڪان نه آهن. واضح رهي ته متحده پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي گذريل ڏينهن پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ وفاقي وزارت تان اسعتيفيٰ ڏيندي چيو ته ڪابينا ۾ سندس ويهڻ سان ڪراچي واسين جو ڪوبه فائدو نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *