جرمن وزير جو جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف سان خاص ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جرمني جي فارن آفيس جي مملڪتي وزير مسٽر نيلز جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي. تفصيل موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جرمني جي مملڪي وزير ملاقات ڪئي، ان دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ان ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان کان اڳ جرمن مملڪتي وزير خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *