ايم ڪيو ايم کانپوءِ جي ڊي اي به پي ٽي آءِ سرڪار سان ناراضگي ظاهر ڪري ڇڏي، واعدا پاڙڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم کانپوءِ جي ڊي اي به پي ٽي آءِ سرڪار سان ناراضگي ظاهر ڪندي واعدا پاڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جي ڊي اي ترجمان هڪ بيان جاري ڪندي وفاقي حڪومت سان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته وفاقي سرڪار جي ڊي اي جا خدشا اڃا تائين ختم نه ڪيا آهن، تنهن ڪري حڪومت سان ناراضگي جو اظهار ڪريون ٿا. پي ٽي آءِ سرڪار طرفان جي ڊي اي سان ڪيل واعدا پاڙيا وڃن، ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريون ٿا، اُن کانپوءِ اتحاد جو مشاورتي اجلاس گهرائي اڳتي جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. جي ڊي اي ترجمان چيو ته هُنن سنڌ جي مختلف شهرن لاءِ ترقياتي رٿائون ۽ نوجوانن لاءِ روزگار گهريو هو، اُن تي عمل نه ٿيو، جڏهن ته سنڌ ۾ جاري ڪرپشن ۽ اقربا پروري جي حوالي سان شڪايتن جو به وفاقي حڪومت ازالو نه ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۽ صوبي سان واسطو رکندڙ اتحادين جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ سرڪار سنجيده نه آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر واعدا ڪيا پيا وڃن پر آخر ۾ ڪوبه نتيجو نٿو نڪري. اين پي پي غيرمشروط پي ٽي آءِ جي حمايت ڪئي، پر حڪومت مايوس ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو عملي ڪم بدران واعدن مٿان واعدا ڪيا وڃن ٿا. هُن مطالبو ڪيو ته اين پي پي سان گڏ جِن به اتحادين سان واعدا ڪيا ويا آهن، حڪومت اُنهن کي پاڙي، اين پي پي وفاقي سرڪار مان خوش نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *