پي ٽي آءِ مڪاني چونڊون پوري تياري سان وڙهندي ۽ ڪلين سوئيپ ڪندي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري جي گهر ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اعجاز چوڌري سينٽرل پنجاب ۾ پارٽي جي تنظيم سازي بهتر نموني ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ مڪاني چونڊون پوري تياري سان وڙهندي ۽ ڪلين سوئيپ ڪندي، ڪارڪنن پارٽي جي طاقت آهن، اعجاز چوڌري چيو ته پارٽي کي تعلقي، وارڊ جي سطح تائين مضبوط ڪنداسين ۽ سمورا پارٽي عهديدار حڪومت جا مددگار هوندا، هن وڌيڪ چيو ته هاڻ تعلقي، ٽائون، ميونسپل ڪميٽي جي سطح تي جلد تنظيمون قائم ڪيون وينديون، تنظيم سازي سان پارٽي گراس روٽ سطح تائين وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، تنظيم لاءِ وڏو ٽارگيٽ مڪاني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *