هڪ مڇي نه پئي ملي، ٻي اندر آهي، اسان صفائي مهم شروع ڪئي ته سنڌ حڪومت به هوش ۾ آئي: علي زيدي

ڪراچي  (اين اين آءِ) وفاقي وزير علي زيدي صفائي مهم جي حوالي سان سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان صفائي مهم شروع ڪئي ته سنڌ حڪومت کي هوش آيو، صفائي صوبائي حڪومت جو ڪم هو، مهم هلائڻ نه، 18 هين ترميم کانپوءِ 12 نوٽيڪل ميل سمنڊ ته سنڌ حڪومت جو به آهي، سنڌ حڪومت وارا چون ٿا ته فشريز اسان جي آهي، وڏي وڏي مڇي هتان پڪڙي وئي، نثار مورائي ۽ عذير بلوچ مان ان ئي فشريز مان نڪتا آهن، هڪ مڇي نه پئي ملي، ٻي اندر آهي، دنيا جي ٻين شهرن ۾ گند ڪچرو سمنڊ تي ترندي نظر نٿو اچو، نئون سال شروع ٿيڻ تي طريقو ٻڌائينداسين ته سمنڊ کي ڪيئن صاف ڪريون، سامونڊي معاملن جي وزارت ۽ سنڌ حڪومت جي فشريز کاتي وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، اهڙن خيال جو اظهار هن سومر تي مقامي هوٽل ۾ هندي سمنڊ ٽونا ڪميشن جي سائنسي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڀارت سميت 15 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي، وفاقي وزير چيو ته اسان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج فيڊرل سامونڊي وزارت جي ڪم کي فشريز کاتو سنڌ کاتي سان مربوط ڪرڻ آهي ته جيئن صنعت کي هٿي ڏئي سگهجي، ٽونا مڇي جي ٻين نسلن وانگر ان کي محفوظ ڪري سگهجي، سامونڊي معاملن جي وزير فشريز ڊيولپمينٽ ڪمشنر جي حيثيت سان ڊاڪٽر صفيه جي ساراهه ڪندي چيو ته اسان وٽ گذريل 10 سالن کان فشريز ڊيولپمينٽ ڪمشنر نه هو جيڪو ماضي ۾ سامونڊي صنعت بابت اسان جو غير سنجينده رويو ظاهر ڪري ٿو. 4 ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي بين الاقوامي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ انڊونيشيا، ڪينيا، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، ڀارت، يورپي يونين، ايران، مالديپ، فرانس وغيره شامل هئا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *