ڪنڌڪوٽ ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙو، ٻن عورتن سوڌو 5 قتل، عورت سميت 2 زخمي

ڪنڌ ڪوٽ (اين اين آءِ) ڪنڌ ڪوٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان فائرنگ ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ 2 سخت زخمي ٿي پيا، تفصيل موجب ڪنڌ ڪوٽ جي علائقي غوث پور ي ڪچي جي علائقي ۾ لولائي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني سبب فائرنگ ۾ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا، پوليس پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جيڪي قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا، مارجي ويلن ۾ حرمت خاتون، بيگي خاتون لولائي، جاڳڻ لولائي، لالڻ لولائي ۽ عبدالقدوس شامل آهن، سنڌ جي وڏي وزير ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي بنا دير متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، مراد علي شاهه چيو ته جهيڙي ۾ جاني نقصان جي اطلاع تي افسوس آهي، اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميا قدم کڻي، هٿيار کڻي پنهنجي جهيڙن جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *