پي ٽي آءِ دور ۾ به ميمبرن جي وڪري ۽ خريداري جو ساڳيو ڪلچر جاري آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اسيمبلي ميمبرن جي وڊيو اسڪينڊل کان پوءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته جيڪي ماڻهو پاڻ وڪامي وڃن ٿا اهي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيئن ڪندا. جماعت اسلامي جو پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته نوٽن، لوٽن، بوٽن ۽ ڪوڙن جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سياست ۾ ڪوئي فرق نه آهي پي ٽي آءِ جي دور ۾ به اسيمبلي ميمبرن جي وڪري ۽ خريد جو ساڳيو ڪلچر جاري اهي جيڪو پ پ ۽ (ن) ليگ جي دور ۾ هو اسان سمجهون ٿا ته ٽنهي پارٽين جي سياست ۾ فرق سمجهڻ دانشمندي نه آهي جيڪڏهن وزيراعطم يوٽرن وٺي ٿو ته پي ڊي ايم به استعيفائن ۽ سينيٽ اليڪشن بابت اعلانن تي اهو ئي ڪيو آهي ٻيهر چوان ٿو ته ظالم جاگيردار ۽ ڪرپٽ سرمائيدار طبقو صرف لٽ ڦر ۽ ڪوڙ جي زور تي قوم تي مڙهيل آهي ملڪ جو نظرياتي تشخص خطري ۾ آهي. جماعت اسلامي 11 فيبروري کان 11 مارچ تائين سڄي ملڪ ۾ (استحڪام خاندان) مهم هلائيندي عورتن کي وراثت ۾ حق ملڻ گهرجي. ڏاج جي لعنت کان نجات چاهيون ٿا رياست عورتن کي ڪم واري جڳهه تي تحفظ فراهم ڪرڻ جو قانون لاڳو ڪرائي جماعت اسلامي 14 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ يوم حياء ملهيائيندي ويلنٽائين ڊي جو ڪلچر اسلامي تهذيب ۽ تمندن تي حملو آهي نوجوان نسل ان جو بائيڪات ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو جنرل سيڪريٽري امير العظيم نائب امير راشد نسيم ۽ اطلاعات وارو سيڪريٽري قيصر شريف به ان موقعي تي موجود هو. سينيٽر سراج الحق چيو ته فحش لٽريچر جي ذريعي پاڪستان جي نطرياتي احساس تي حملو ٿي رهيو آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ جماعت اسلامي عورتن واري تڪ هڪ مهيني لاءِ ملڪ ۾ ريليون ۽ ڪانفرنسون ڪرائي عورتن جي تحفظ ۽ خانداني نظام جي استحڪام لاءِ مهم شروع ڪئي آهي. هن چيو ته 14 فيبروري تي يوم حياء ملهايو ويندو اهڙِ طرح 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي به عورت کي قرآن ۽ سنت ۽ پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ حق ڏيڻ جي مطالبي سان گڏ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ سمورن مڪتب فڪر جي ماڻهن کي اچڻ جي دعوت ڏني ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *