سڄي ملڪ ۾ سينيٽ چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن لاءِ شيدول جاري ڪري ڇڏيو اهي جنهن مطابق سينيٽ اليڪشن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي، چونڊ پروگرام مطابق اميدوار نامزدگي فارم 12 ۽ 13 فيبروري 2021 تي رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا ان مقصد لاءِ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا وفاقي گادي واري هنڌ ۾ ظفر اقبال حسين، اسپيشل سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ، اسلام آباد، پنجاب صوبي ۾ غلام اسرار خان صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب لاهور، آفيس 10 ڪورٽ اسٽريٽ، لاهور، سنڌ صوبي ۾ اعجاز انور چوهاڻ صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڪراچي، آفيس بلاڪ نمبر اي 44 شاهراه عراق صدر ڪراچي، خيبرپختونخواهه صوبي ۾ شريف الله، صوبائي اليڪشن ڪمشنر خيبرپختونخواهه پشاور، آفيس پشاور گالف ڪلب، گيٽ نمبر 2 شامي روڊ پشاور ڪينٽ، بلوچستان صوبي ۾ محمد رازق، صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان، ڪوئيٽا، آفيس برگنزه ويلاز اسٽريٽ نمبر 1 لک زرگون روڊ ڪوئيٽا مقرر ڪيا ويا آهن نامزد اميدوارن جي لسٽ 14 فيبروري 2021 تي لڳائي ويندي جڏهن ته ڪاغزن جي جاچ پڙتال لاءِ 15 کان 16 فيبروري 2021 رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ ٿيندي جاچ پڙتال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ رٽرننگ آفيسرن طرفان صحيح قرار ڏنل نامزدگي فارم مطابق اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي رٽرننگ آفيسر طرفان فارم منظور يا رد ٿيڻ جي فيصلن جي خلاف ٽربيونل ۾ اپيل ڪرڻ جي آخري تاريخ 18 فيبروري 2021 مقرر ڪئي ويئي آهي جڏهن ته انهن اپيلن کي اڪلائڻ جي آخري تارين 20 فيبروري 2021 مقرر آهي ٽربيونل جي فيصلن جي روشني ۾ اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 21 فيبروري تي لڳائي ويندي جڏهن ته نامزدگي فارم واپس وٺڻ جي تاريخ 22 فيبروري 2021 مقرر آهي اميدوارن جون حتمي لسٽون 23 فيبروري 2021 تي لڳايون وينديون اميدوارن جون حتمي لسٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪوبه اميدوار 2 مارچ 2021 منجهند 12 وڳي تائين مقابلي تان هٿ کڻي سگهندو سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي اليڪشن ڪميسن چيو ته سياسي پارٽين کي هڪ دفعو ٻيهر ياد ڏياريو وڃي ٿو ته پنهنجي نامزد اميدوارن کي پارٽي سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ته جيئن نامزدگي فارمن سان گڏ گهربل سرٽيفڪيٽ اميدوارن پاران لڳائي سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *