ملڪ ۾ هن وقت تائين 27 هزار کان وڌيڪ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين ڏني وئي: اين سي او سي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب هن وقت تائين 27 هزار 228 هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ويڪسين فراهم ڪئي وئي آهي. منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هيلٿ ڪيئر ورڪرز جي ڪورونا ويڪسينيشن جي حوالي سان حڪمت عملي جو جائزو وٺندي فرنٽ لائن ورڪرز جي ويڪسينيشن پلان تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 27 هزار 228 هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ويڪسين فراهم ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ويڪسينيشن جي لاءِ طئي ڪيل طريقيڪار اختيار نه جو نوٽيس وٺندي سمورن صوبن کي گائيڊ لائن جي تحت ويڪسين هڻڻ جي هدايت به ڪئي وئي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به نرو سينٽر ۽ آر ار ايم ايس ويڪسين سسٽم کي بائي پاس ڪرڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته شفافيت جي لاءِ سمورو ريڪارڊ برقرار رکيو ويو آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ هن وقت تائين 21 هزار 121، پنجاب ۾ 4 هزار 458، خيبرپختونخواهه ۾ 691، اسلام آباد ۾ 274، آزاد ڪشمير ۾ 239، گلگت بلتستان ۾ 312، بلوچستان ۾ 133 هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ويڪسين ڏني وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *