پي ٽي آءِ حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ملي، قرضن ۾ ٻڏل پاڪستان کي وزيراعظم جي قيادت ڏکين حالتن مان ڪڍيو: حفيظ شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته معاشي سڌارن دوران ڏکيائيون پيش آيون پر هاڻ اسان جي پاليسين جا هاڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عبدالحفيظ شيخ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ملي، قرضن ۾ ٻڏل پاڪستان کي وزيراعظم جي قيادت هيٺ ڏکين حالتن مان ڪڍيو، عمران خان چاهي ٿو ته سٺا ماڻهو اڳتي وڌن، پاڪستان ۾ ادارن کي بهتر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته معاشي سڌارن دوران ڪيتريون ئي ڏکيائيون پيش آيون پر هاڻ اسان جي معاشي پاليسين جا هاڪاري اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، عالمي مالياتي ادارا ملڪي معاشي ڪارڪردگي جي تعريف ڪري رهيا آهن، ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي وڌيڪ مدد فراهم ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسان اڳوڻين حڪومتن کان ورتل 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيا، ملڪي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا، حڪومت بزنس فرينڊلي ماحول کي هٿي ڏني، هن حڪومت کان وڌيڪ ڪا حڪومت بزنس فرينڊلي ناهي. عبدالحفيظ شيخ چيو ته هاڻ ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي رهي آهي، گذريل 6 مهينن دوران اسٽيٽ بئنڪ کان ڪو قرض نه ورتو، ايڪسچينج ريٽ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مستحڪم آهي، 5 مهينن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وئي، بجيٽ گهٽ هجڻ باوجود غريبن جي مدد ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *