سليڪٽرن کان ملڪ نه هليو، هاڻ بلاول اڳتي نڪرندو، جلد حڪومت پ پ جي هوندي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي احساس ناهي ته غريب سان ڇا ٿي رهيو آهي، عوام لاءِ آواز اٿاريندڙن جو آواز بند ڪيو ويندو آهي. پيپلز پارٽي طرفان شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسو ٿيو، جنهن دوران پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته حڪومت هارين ۽ مزدورن سان ناانصافي ڪري رهي آهي، ماڻهن کي ٻن ويلن لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي احساس ناهي ته غريب سان ڇا ٿي رهيو آهي، هنن کي خبر ناهي مهانگائي ڇا ٿيندي آهي، جڏهن ته عوام لاءِ آواز اٿاريندڙن جو آواز به بند ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جتي بلاول بيٺو آهي، اِها اُها ئي جاءِ آهي، جتي آمرن جي دور ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، ٻنهي آمرن سان قدرت ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ سليڪٽرن کان ملڪ نه هلي سگهيو، هاڻ بلاول سڀ ڏکيائيون پار ڪندي اڳتي نڪرندو، اسان تمام جلد عوامي حڪومت آڻينداسين ۽ عوام جون تڪليف ختم ڪنداسين، اڳ ۾ به عوام جي خدمت ڪئي سين ۽ هاڻ به ان ئي سوچ جا مالڪ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *