پي ٽي آءِ حڪومت جي نا اهلي ۽ نا لائقي سبب عوام سخت پريشان آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات چوڌري منور انجم علي هائوس تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي رهنمائن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ خاص طور تي پي ڊي ايم جي تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي نا اهلي ۽ نا لائقي جي ڪري عوام شديد پريشان آهي ۽ پي ڊي ايم طرف ڏسي رهي آهي ته ڪڏهن ان نااهل ۽ عوام دشمن ٽولي مان قوم کي نجات ملندي. ان کان اڳ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات چوڌري منور انجم پاران سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي والده جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس اعليٰ مقام عطا فرمائي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *