پاڪستان جو جوهري پروگرام صدر جي نگراني ۾ هو، اسامه بن لادن نواز شريف کي سپورٽ ڪندو هو ۽ مالي مدد ڏيندو هو: اڳوڻي سفير

اسلام آباد (اين اين آءِ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير عابده حسين چيو آهي ته اسامه بن لادن نواز شريف کي سپورٽ ڪندو هو ۽ مالي مدد ڏيندو هو. اي پي پي موجب نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عابده حسين چيو ته پاڪستان جو جوهري پروگرام صدر جي نگراني ۾ هو ۽ نواز شريف لاعلم هوندو هو، منهنجو رابطو صدر غلام اسحاق خان سان رهندو هو، ڇو ته هو نواز شريف تي اعتماد نه ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته 1990 ۾ مون کي آمريڪا ۾ سفير وزيراعظم نه پر صدر غلام اسحاق خان بڻايو، صدر چيو هو ته جوهري پروگرام پورو ڪرڻ ۾ 18 مهينا لڳندا، چيو ويو ته توهان کي 18 مهينا آمريڪين کي مصروف گفتگو رکڻو آهي ۽ مان ائين ئي ڪيو. عابده حسين موجب مون کي چيو ويو هو ته فون تي ناهي ڳالهائڻو، 18 مهينن دوران 5 ڀيرا پاڪستان اچي صدر کان بريفنگ ورتي، نيوڪليئر پروگرام 1983 ۾ نه پر 1992 ۾ مڪمل ٿيو هو، آمريڪي پارليامينٽيرينز ۽ سفارتڪار اسان کي جوهري پروگرام رول بيڪ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا. هن چيو اها درست ڳالهه آهي ته اسامه بن لادن نواز شريف کي سپورٽ ڪيو هو ۽ کيس مالي مدد به فراهم ڪندو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *