ڪرپشن ختم ڪرڻ آيل پاڻ ئي ڪرپٽ نڪتا، مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر آهي: سراج الحق

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪرپشن ختم ڪرڻ آيل پاڻ ئي ڪرپٽ نڪتا، موجوده حڪومت جي ڪرپشن کانسواءِ ڪا ايجنڊا ناهي. سرگوڌي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ڪير ناهي، هن نظام ڪڏهن غريب سان وفاداري ناهي ڪئي پر اهو نظام ڪرپٽ اشرافيا جو تحفظ ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي اڳ ۾ تسليم ڪيو ويو ۽ هاڻ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، ڪرپشن ختم ڪرڻ آيل پاڻ ئي ڪرپٽ نڪتا، اڳوڻا توڙي هاڻوڪا حڪمران ڪرپٽ آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پاڻ اين آر او سبب هتي موجود آهي، منهنجو چور زنده آباد ۽ توهان جو چور مرده آباد اهڙي نظام کي نٿا مڃون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *