پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرور سيال صحافي برادري کان معافي گهري ورتي، هوڏ برقرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ سانصاف جي مقامي اڳواڻ مسرور سيال خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ سينيئر صحافي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران تي تشدد ڪرڻ تي سڄي صحافي برادري کان معافي گهري ورتي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”فيس بڪ“ تي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ مسرور سيال چيو ته گذريل ٻن ڏانهن کان منهنجي هڪ ويڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ گهٽي ناڪاري پراپيگنڊه ڪئي پئي وڇي ۽ منهنجي ۽ منهنجي پارٽي جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪير به پنهنجي ذات يا پارٽي پاليسي تي تنقيد برداشت ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي سربراهه، جنهن سان سندس جذباتي وابستگي هجي ۽ محبت جو رشتو هجي ان تي تنقيد برداشت نٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو غصو هڪ فطري عمل آهي، آئون اِها ڳلهه ڪري پنهنجي عمل جو جواز پيش ناهن ڪري رهيو، هڪ سياسي ورڪر هئڻ جي ناطي مون ۾ تنقيد برداشت ڪرڻ جو مادو هجڻ گهرجي، آئون پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيان ٿو. مسرور سيال جو چوڻ هو ته واقعي کان پوءِ امتياز خان فاران سان صلح به ٿي وئي هئي پر واقعي جي چار ڏينهن کان پوءِ اِها ويڊيو سامهون آئي، آئون ان ويڊِو جي ليڪ ٿيڻ جي انڪوائري جو مطالبو ڪيان ٿو ڇو ته اِهو سمورو عمل پردي جي پٺيان پروگرام جي بريڪ ۾ ٿيو هو، لائيو پروگرام نه هو ۽ ان بريڪ ۾ ئي معاملو ختم ٿي ويو هو ۽ امتياز خان فاران سان منهنجي صلح ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *