سنڌ جي عوام کي نئون ٽيڪو لڳايو پيو وڃي، اسپيڪر جو اجلاس ملتوي ڪرڻ ذيادتي آهي : مخالف ڌر

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي، نصرت سحر عباسي، ۽ نسيم راڄپر چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي نئون ٽيڪو لڳايو پيو وڃي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي عام ڪري 2 دير سان شروع ڪندو هو پر پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي اجلاس ملتوي ڪيو ويو جيڪا زيادتي آهي هي آنٽي ڪرپشن سيشن آهي آنٽي ڪرپشن کي نيب ۽ اسلام آباد کان پري رکڻ لاءِ سيشن هلايو پيو وڃي پرائيويٽ ميمبر ڊي تي 50 منٽ کان پوءِ ئي اجلاس ملتوي ڪيو ويو هو جمعي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا ان ڳالهائي رهيو هو مخالف ڌر اڳواڻن چيو ته سنڌ جي عوام کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اپوزيشن مسئلن جي سڃاڻپ ڪري رهي آهي اپوزيشن ميمبر سنڌ جي هر مسئلي تي آواز اٿاري رهيا آهن. ماڪڙ لاءِ وفاقي حڪومت کي لکي ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت سان تعاون لاءِ تيار آهيون وفاقي حڪومت ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 50 ڪروڙ جو اسپري ڪري چڪي اهي هن چيو ته عوام هندستان جي ماڪڙ جي خلاف آواز اٿاري سگهي ٿو ته اصل ماڪڙ جي خلاف ساٿ ڇو نٿو ڏيئي سگهي فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس تي روزانو 32 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن اهڙي طرح پاڪستان مان ڪرپشن جا پئسا غائب ٿين ٿا اهڙي طرح منهنجي تقرير غائب ٿي ويئي آهي واضح لفظن ۾ چوان ٿو ته هي غير تهذيب ماڻهو آهن منهنجن ساٿين تي الزام مڙهيو ويو وڏي وزير بيهوده لفظ ڳالهايا ۽ حليم عادل جو نالو ورتو ويو جيڪڏهن اوهان وٽ ثبوت آهي ته ڏيکاريو منهنجي تقرير چوري ڪرڻ جو فائدو حڪومت کان وڌيڪ ڪنهن کي ٿئي ٿو. ڪاغذ تمام وڌيڪ هئا هن ڪم ۾ هڪ نه پر 20 کان 25 ماڻهو ملوث آهن خبر نه آهي ته هي ڪهڙي ايان علي ان ۾ ملوث آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *