نيب هٿان گرفتاري جو خوف، سهيل انور سيال عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي عدالت سهيل انور سيال جي ڪچي ضمانت منظور ڪندي نيب کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جمعي تي سهيل انور سيال گرفتاري کان بچڻ لا3 سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو عدالت سهيل انور سيال کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ۽ نيب سان جاچ ۾ تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي عدالت نيب کي 6 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي سکر جي نيب سهيل انور سيال کي جاچ لاءِ طلب ڪيو هو جنهن کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳالهين ۾ نيب پاران ڪوئي ڪال اپ نوٽيس جاري نه ڪيو ويو جيڪي الزام آهن انهن کي منهن ڏيندس ۽ پنهنجو پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪندس هڪ سوال جو جواب ڏيني سهيل انور سيال چيو ته جيڪو منهنجو قانوني حق آهي اهو استعمال ڪندس.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *