پي سي بي پاران پيارن کي نوازڻ لاءِ آئين ۾ تبديلي جون تياريون

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پيارن کي نوازڻ لاءِ آئين ۾ تبديلي جون تياريون جاري آهن جڏهن ته بورڊ چيئرمين نجم سيٺي گورننگ بورڊ اجلاس 22 نومبر تي لاهور ۾ طلب ڪري ورتو، نجم سيٺي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ کانپوءِ اڳوڻي بورڊ سربراهه شهريار خان جي باقيات خلاف ضروري قدم کڻڻ ۽ پنهنجن من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق بورڊ چيئرمين گورننگ بورڊ جو اجلاس 22 نومبر تي لاهور ۾ طلب ڪيو آهي، نجم سيٺي جي چيئرمين بڻجڻ کانپوءِ گورننگ بورڊ جو اهو پهريون اجلاس هوندو. ميٽنگ جو حصو بڻجندڙ ميمبر عارف اعجاز، جنرل (ر) مزمل حسين واپڊا، نعمان ڪي ڊار ايڇ بي ايل، مفتاح اسماعيل سوئي سدرن گيس، منصور مسعود خان يو بي ايل، ڪوئيٽا جو مراد اسماعيل، سيالڪوٽ جو محمد نعمان بٽ ۽ لاهور ريجن جو شاريز عبدالله خان روکڙي شامل آهن. ذريعن مطابق اجلاس جي اهم ايجنڊا ريجن ڪرڪيٽ جي صدر جو مدو وڌائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم تي غور ٿيندو، ان قدم جي صورت ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو چيئرمين نجم سيٺي جي پياري شڪيل شيخ کي ٿيندو جيڪو 2 ڀيرا اسلام آباد ريجن جو صدر رهي چڪو آهي، پي سي بي آئين ۾ ترميم جي صورت ۾ شڪيل شيخ کي ٽيون ڀيرو صدر بڻجڻ ۾ رڪاوٽ ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *