باڪسر وسيم پاڪستان لاءِ وڌيڪ فائيت نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان جي پروفيشنل باڪسر محمد وسيم اسپانسر شپ نه ملڻ تي ڏکايل ٿي ويو ۽ هن پاڪستان لاءِ وڌيڪ فائيٽ نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.محمد وسيم 8 پروفيشنلز فائيٽ کيڏيون آهن ۽ سمورين ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي هاڻ هو ڊبليو بي سي فلائي ويٽ جي ورلڊ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن کي برقرار رکڻ لاءِ لاس ويگاس روانو ٿي رهيو آهي جتي هو ڪولمبيا جي باڪسرز سان مهاڏو اٽڪائيندو.هڪ وڊيو پيغام ۾ باڪسر محمد وسيم جو چوڻ هو ته ان جي پهرين ترجيح پاڪستان لاءِ کيڏڻ آهي ۽ هو نه ٿو چاهي ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ جي نمائندگي ڪري.هن چيو ته ڪولميبا جي باڪسر سان ايندڙ فائيٽ پاڪستان لاءِ آخري هوندي، ان مقابلي کانپوءِ هو آرميڪا يا ڏکڻ ڪوريا جي شهريت حاصل ڪري وٺندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *