جيُ جهوريندڙ روڊ حادثا ۽ پنهنجن جا وڇوڙا..!!: غلام مصطفيٰ جمالي 

وين اها سواري آهي جنهن اندر گهٽ ۾ ويهه ماڻهو ئي ويهي سگهندا آهن،۽ ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي به روڊ حادثا ٿيا آهن ۽ انهن حادثن ۾ جيڪي انساني زندگي ضايع ٿينديون آهن،انهن ۾ اڪثر تعداد وين جو آهي،ڪالهه به خيرپور ۾ انساني زندگيون ضايع ڪندڙ روڊ حادثو ٿيو جنهن اندر ويهه ماڻهو منهنجن پيارن کان هيمشه لاءِ وڇڙي ويا،خيرپورلڳ شاهه حسين باءِ پاس روڊ تي هڪ وين جنهن اندر 25ماڻهو سوار هئي جيڪا خيرپور کان سکر وڃِي رهي هئي ۽ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ انهي وين مٿان ڪري پئي جنهن سبب ويهه ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا،حادثو ايترو به خطرناڪ هو جو وين مٿان جئين ٽرڪ ڪلٽي تي ته سموري وين انهي ٽرڪ هيٺ دٻجي وئي،۽ پوءِ وين کي وڍي ڪري لاشن کي ٻاهر ڪڍيو ويو،مان سمجهان ٿو ته سنڌ اندر روڊ حادثا هاڻ وڏو الميو بڻجي چڪا آهن،ڪو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن تي خوني حادثو نه ٿيو هجي،

پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ روز ڪيترائي ماڻهو روڊ حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿين ٿا پر ان جي باوجود روڊ جا حادثا گهٽ ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، خاص ڪري سنڌ جي باءِ پاسن تي اهي روڊ حادثا ٿيندا رهندا آهي يا وري وڏن کان ڪراچي ويندي جيڪي روڊ آهن انهن جي وچ تائين ڏسنداسين ته روز ڪونه ڪو حادثو ضرور پيش اچي ٿو،انجي ڀيٽ اندر ٻهراڙين ۾ به روڊ حادثا ٿيندا آهن پر انهن اندرايترو جاني نقصان ناهي ٿيندو جيترو وڏن روڊن تي ٿيندو آهي،جڏهن ته ٻهراڙين تي جيڪي روڊ حادثا  ٿين ٿا ته اسان پاڻ ئي چوندا آهيون ته روڊ خراب هيو، روڊ ون وي هيو يا روڊ جي آس پاس آبادي هئي جنهن جي ڪري حادثا پيش اچن ٿا. پر هاءِ  وي تي روڊ حادثو افسوس جيڪو عمل آهي، هتي ته حادثا پيش نه اچڻ گهرجن.

جنوري ۾ نوري آباد ۾ پيش آيل ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر جو حادثو هڪ تاريخي حادثو هيو جنهن ۾ 33 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 60 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيا. ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينڊر پڻ سڙي ڪوئلو ٿي ويا. هن حادثي ۾ ماڻهن جو جسم مڪمل طور سڙي ويو ، جنهن جي سڃاڻپ لاءِ بعد ۾ انهن جا ڊي اين اي رت جا جزا اسلام آباد موڪليا ويا ۽ تقريبن 10 کان 15 ڏينهن بعد ۾ اهي لاش وارثن کي ڏنا ويا.

اهو حادثو پيش ڇو آيو، هن جا سبب ڪهڙا هئا، جيڪڏهن ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور سجاڳ ۽ هوشيار هجن ها ته هي ايتريون قيمتي جايون ضايع نه ٿين ها، حادثي جي ڪجهه ڏينهن بعد ۾ موٽر وي پوليس وارن ۽ ٻين پاران تحقيق ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي ته حادثي جو ذميوار ڪوچ ڊرائيور آهي، پر بعد ۾ هنن آئل ٽئنڪر جي ڊرائيور ۽ ڪوچ ڊرائيور ٻنهي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو، جيڪي پڻ حادثي ۾ اجل جو شڪار بڻيا هئا، پر اصل ڳالهه ته ڪجهه رپورٽن موجب سمورو ڏوهه ڪوچ ڊرائيور جو هيو ۽ هو نشي ۾ هو، جڏهن هن کي ننڊ جا خمار اچي ويا ته ڪوچ بلڪل پويان اچي آئل ٽئنڪر ۾ لڳو، جيئن ئي ڪوچ آئل ٽئنڪر ۾ لڳو ته هڪدم پئٽرول ڪوچ ۾ داخل ٿيڻ لڳو جنهن سان باهه وڌي وئي، ايترا ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا.

بهرحال روڊ حادثا هاڻي روز جو معمول بڻجي ويا آهن، هاڻي اسان کي انهن حادثن کان بچڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻڻ گهرجي ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان اهڙو سسٽم تيار ڪيو وڃي  ته جيئن هنن حادثن کان بچي سگهجي. صبح جو اخبار پڙهجي ٿي يا ٽي وي ڏسجي ٿي ته روڊ حادثن جون ايتريون خبرون ڏسجن ۽ پڙهجن ٿيون جو انسان جو هانُ جهڙي پوندو آهي.ڪو اهڙو ڏينهن نه آهي، جنهن انهن قيمتي انساني جانيون روڊحادثن ۾ پنهنجي عزيزن کان وڇڙي نٿا وڃن.روڊ حادثن جا سبب ڪيترائي آهن، پر خاص سبب روڊن جي ڀڳل ٽٽل حالت آهي، سنڌ جي روڊن جي حالت ڏسڻ کانپوءِ ايئن چوڻ اجايو لڳندو ته سنڌ ۾ حڪمرانيءَ نالي به ڪاشي آهي.گذريل اٺن ڏهن سالن کان روڊن ۽ رستن جي نالي ۾ حڪمرانن جيڪي خرچن جا انگ ڄاڻايا آهن  يا الڳ الڳ بجيٽ ۾ ڄاڻائيندا  رهيا آهن، ان بجيٽ جو پتو  نٿو پوي ته ڪٿي خرچ ٿي آهي. جڏهن ته سنڌ جي روڊن ۽ رستن جي حالت هر ٻئي ڏنهن پهرئين ڏينهن کان وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، جنهن سبب ڪجهه روڊن کي ڇڏي باقي سنڌ جي روڊ ن جي حالت قديم آثارن واري آهي.

مجموعي طور سموري سنڌ موهن جو دڙو بڻيل آهي، وقت آيو آهي ۽ اسان جا حڪمران به چونڊيل آهن کين جمهوري حق به آهي کين صلاح ڏجي ٿي ته سموري سنڌ کي قديم آثارن واري کاتي جي حوالي ڪري ڇڏين . حڪمرانن جون دعوائون هڪ پاسي  آهن، سنڌ جون حالتون ٻئي پاسي آهن، جيڪي سڀني جي اکين آڏو آهن.وقت جي گهرج اها آهي ته سموري سنڌ کي نئين سري سان ٺاهيو وڃي، جنهن جي شروعات سنڌ جي مختلف روڊن کان ڪئي وڃي ۽ سچ پچ اهي جڏهن ٺهي ويندا ته انهن جو نتيجو سامهون ايئن ايندو جو روڊن سان ٿيندڙ حادثن جون خبرون گهٽجي وينديون ۽ جڏهن خبرون گهٽجي وينديون ته سموري سنڌ اها ڳالهه پاڻ قبول ڪري وٺندي ته سنڌ جا روڊ ٺهيل آهن ان لاءِ نه حڪومت کي اشتهار ڇپرائي ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو ۽ ميڊيا تي واڪا ڪري چوڻو پوندو ته اسين سنڌ جي خدمت ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته سندن اها ڪيل خدمت سنڌي ماڻهن جي سامهون هوندي، انهن کي ٻڌائڻ جي گهرج نه هوندي.

اڳئي وقت نه ٻڌائڻ واري عمل مان اهو فائدو ٿيندو ته جيڪي ڪُجهه حڪومت ڪجهه به نه ڪيل جي باري ۾ خرچ ڪري اشتهارن معرفت ٻڌائي رهي آهي، اهو خرچ بچائي ان مان ڪجهه ڪري ڏيکاريندي ته اهو به ڏسڻ ۾ ايندو.في الحال حڪومت کي اهو عرض آهي ته سنڌ جي روڊن کي سُچ پچ  ٺهرائي سنڌي ماڻهن کي ڏيکاري ته هيءُ اوهان جا روڊ آهن ۽ اهو به ثابت ڪري ته حڪومت ڪجهه ڪري رهي آهي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ حڪومت سموري سنڌ جي روڊن تي ايترو ته خرچ ڪري جيترو هن صرف ڪراچيءَ جي روڊن تي ڪيو آهي.ڪنهن  هڪ روڊ تي ايترو ته خرچ ڪيو وڃي، جيترو هوءَ سنڌ ۾ ڪرايل هڪ جلسي تي ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت جو اهڙو عمل انهن ماڻهن لاءِ آٿت هوندو، جن جا پيارا روڊ حادثن ۾ کانئن  جدا ٿي ويا آهن ۽ هر گهڙيءَ جدا ٿي رهيا آهن.اهڙو ڪو ڏينهن نه آهي، جنهن ڏينهن هڪ درجن ماڻهن جون زندگيون روڊ حادثا ڳڙڪائي وڃن ٿا.

خيرپور روڊ حادثو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ آهي جنهن اندر ويهه انساني زندگيون موت جو کاڄ بڻجي ويون،ويهه انساني زندگيون اسان خالي ٻڌون ۽ پڙهو ٿا پر اسان اهو تصور ڪيو آهي ته ويهه انساني زندگين جي ضايع ٿيڻ ڪري انهن جي پنهنجن جي گهرن ۾ ڪهڙو ماتم هوندو ڪهڙو ڪهرام هوندو اسان اهو اندازو لڳايو آهي ته جڏهن انهن 20انساني زندگين جا لاشا گهرن مان کنيا ويا هئا ته انهن جي گهر ۾ ڪهڙو هانُ ڏاريندڙ ۽ جيُ جهموريندڙ منظر هوندو ان وقت مان سمجهان ٿو ته ماحول اهڙو هوندو جنهن ماحول کي ڏسي ڪري دشمن به روئي پيا هئا،خيرپور روڊ حادثو جو جيڪو به زميوار هجي مان سمجهان ٿو ته انهي کي ضرور سزا ملڻ گهرجي،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته واقعي جي  مڪمل جانچ ڪرائي تحقيقات ڪري ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهو کي سزا ڏي،ٿي سگهي ٽرڪ اور لوڊ هجي جنهن جي ڪري پنهنجو وزن برداشت نه ڪري سگهي وين مٿان ڪري،جيڪڏهن ٽرڪ اور لوڊ هئي ته ڇو هئي.؟ائين ڪيترا سوال هوندا جنهن جا جواب به هوندا پر حڪومت رڳو تحقيقات جو دائرو وڌائي،۽ مان اپيل ڪندس سنڌ حڪومت کي خيرپور واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پوئينرن جي سنڌ حڪومت مدد ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *