پي سي او جج هاڻي اخلاقيات جو سبق ڏيندا؟، عمران ۽ چيف جسٽس جي ٻولي ۾ ڪهڙو فرق آ: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته سڀ کان اعليٰ عهدي تي ويٺل جج صاحب جهڙي طرح زبان استعمال ڪري رهيا آهن اها کين جڳائي نٿي پر هي سندن پنهنجي عهدي جي توهين آهي اسان سوڌيبازي ڪرڻ وارا ماڻهو نه آهيون ۽ ڇا پي سي او جج اسان کي اختلاقيات جو درس ڏيندا عمران خان ۽ ججن جي زبان ۾ پوءِ ڪهڙو فرق چئجي سڄو معاملو هڪ طرفو نه هئڻ گهرجي مشرف جي زماني ۾ پي سي او تحت حلف کڻندڙ جج اسان کي اخلاقيات جو درست ڏيئي رهيا آهن اسان کي قبول نه آهي ڪنهن پاڪستاني کي قبول نه ڪرڻ گهرجي هي ماڻهو خود پنهنجي حلف سان غداري ڪن ٿا مان سندس اهڙا فيصلا نٿو مڃان دل ۽ نيت صاف هجي ته الله ساٿ ڏيندو خميس تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جهڙي قسم جا لفظ اخبارن ۽ ٽيليويزن تي ڏسي رهيا آهيون ڇا هي سندن عهدي جي توهين نه آهي هن چيو ته جهڙي قسم جا جملا ۽ لفظ استعمال ڪيا پيا وڃن ڇا ان لاءِ به ڪو قانون آهي نوازشريف چيو ته جج جيڪا زبان استعمال ڪري رهيا آهن ساڳي زبان عمران خان به استعمال ڪري رهيو آهي جيڪڏهن چيف جسٽس به استعمال ڪري ته ان جي ۽ عمران خان جي زبان ۾ ڪهڙو فرق آهي نوازشريف چيو ته سڄو معاملو هڪ طرفو نه هئڻ گهرجي پر اسان ان تي صبر ڪيون ٿا جڏهن ته هر انسان جو هڪ ضمير ۽ هڪ ضبط هوندو آهي ۽ اسان ان تي سمجهوتو نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته مان ڪنهن به ڪرپشن ۾ ملوث نه آهيان پر هي ماڻهو مون کي پارٽي جي صدارت تان هٽائڻ چاهين ٿا هي ماڻهو پاڻ پنهنجي حلف سان غداري ڪن ٿا ۽ مان انهن جا اهڙا فيصلا نٿو مڃان اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي ماڻهو ٽيڙي بنياد تي 10 ماڙ عمارت تعمير ڪرڻ چاهين ٿا پر دل ۽ نيت صاف هجي ته الله سائين ساٿ ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *