عدليه جو ٻين ادارن جي حدن ۾ اچڻ درست ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ 20 ڪروڙ عوام جو نمائنده ايوان آهي اسان کي پارليامينٽ کي اهميت ڏيڻ  گهرجي عدليا پاران ايگزٽو جو ڪم ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي. خميس تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته حالتون اهي آهن جو آمريڪا پاڪستانين کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان جي چوڻ تي اسان 35 لک افغان مهاجرن کي هتي آندو اڄ هو اوهان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته هاڻي ملڪ ۾ عدليا اچي وئي آهي عدالت فيصلا ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ هيئن ٿيڻ گهرجي ۽ هونءَ ٿيڻ گهرجي جڏهن ته اهو سٺو ناهي، جو ادارا ادارن ۾ اچن خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف هن ايوان ۾ ڪل 14 ڏينهن آيو جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حاضري به ڏسو هفتي جي ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي علائقي ۾ هوندو آهيان پر پارليامينٽ ايندو آهيان پارليامينٽ سپريم ادارو آهي اسان پنهنجو وقت به پورو ڪيو پارليامينٽ ان وقت سپريم هئي اسان جي وزير ايوان ۾ موجود هوندا هئا. جڏهن وزيراعظم کي اها خبر ناهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ان تي کيس اهو حق حاصل نه آهي ته هو ملڪ جو وزيراعظم رهي. جنهن ملڪ ۾ پراڻا سياستدانن پارليامينٽرينز پڇا ڪن ته هاڻي ڇا ٿيندو ته 20 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو، پ پ اڳواڻ چيو ته اها تاريخ رهندي ته پارليامينٽ کي اهميت ڏيو، ڪو ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچي ٿو ته گيلريون خالي هونديون آهن پوئين حڪومت ۾ گيلريون ڀريل هونديون هيون ڇو ته وزيراعظم ايوان ۾ هوندو هو هن چيو ته اسان کي رڳو پاڪستان گهرجي اهو پاڪستان جيڪو قائداعظم ٺاهيو جڏهن ته ڀٽو ڦاهي تي چڙهيو اسان ليڊر آهيون ۽ ليڊر جو مطلب آهي ته قوم کي سڌو رستو ڏيکاري. مان پاڪستان ۾ ليڊر قائداعظم کي مڃان ٿو خورشيد شاهه چيو ته اڄ پاريسري ملڪ جو ننڍڙو وزير به پاڪستان کي ڌمڪي ڏئي ٿو اڄ آڱر جي اشاري تي اسان وڃي رهيا آهيون جڏهن ته پاڪستان جو عوام اڄ به انهيءَ بهادري ۽ غيرت سان بيٺل آهي اسان کي مظلوم، غريب ۽ بدحال پاڪستان نه گهرجي هي پاڪستان سڀ کان امير بڻجي سگهي ٿو الله تعاليٰ هر شيءِ ڏني آهي رڳو عمل ڪرڻ جي طاقت نه ڏني آهي هن چيو ته ڪمند جي آبادگارن جي حوالي سان اسان جي ڳالهه کي اهميت نه ڏني وئي آبادگار ڪمند جو فصل ساڙي رهيا آهن پنجاب ۾ 110 رپيا اگهه مقرر ڪيو ويو آهي مڊل مين 90 رپيا في مڻ ۾ کڻي رهيو آهي حڪومت جو غير سنجيده رويو آهي اسان کنڊ وڪرو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي ڇو ته 2018 فيبروري تائين اسٽاڪ موجود هو. ان وقت عالمي قيمتون چوٽ تي هيون ۽ هاڻي گهٽجي ويون آهن سنڌ حڪومت وٺ سٺ ڪري 160 رپيا في مڻ ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو آهي جڏهن ته مڊل مين 130 في مڻ ڏئي رهيو آهي ملڪ بحران واري حالت مان گذري رهيو آهي سياسي نظام متاثر آهي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *