ڪنهن ڦورو کي پارٽي جي سربراهه طور نٿا قبولي سگهون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته  اهو نٿا قبولي سگهون ته ڪيو ڦورو پارٽي جو صدر بڻجي ملڪ تي حڪومت ڪري ۽ خدا نه ڪري ڪو چور پارٽي جو صدر بڻجي وڃي جڏهن ته نااهل شخص پارليامينٽ ميمبرن کان سڀ ڪم ڪرائي جيڪي هو پاڻ نٿو ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ايڪٽ 2017ع جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته مشاهد حسين لاءِ پارٽي جي ٽڪيٽ تي نواز شريف صحيح ڪئي، فرحت الله بابر پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي پارٽي ٽڪيٽ تي عمران خان جي صحيح آهي جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جو تعلق اهلڪيت ۽ نااهليت سان آهي، آرٽيڪل 63 اي پارٽي سربراهه ۽ ميمبرن بابت آهي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع آئين سان تڪرا ناهي، پارليامينٽ چاهي ته آرٽيڪل 17 ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو ڪنهن پارٽي ميمبرن جي غلطي کي معاف ڪرڻ يا ريفرنس موڪلڻ سربراهه جو اختيار آهي، ٻنهي صورتن ۾ اهو سياسي پارٽي جو اندريون معاملو آهي.  چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته اسان جو وزير اعظم چوي ٿو ته سندس وزير اهو ئي آهي، اسان ڏسي رهيا آهيون ته پارٽي صدر جي حيثيت ڪهڙي هوندي آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته منهنجي خيال ۾ سڄو پارليامينٽ نوٽيس وٺي رهيو هوندو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته اسان به نوٽ ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ کي قانون بڻائڻ جو اختيار آهي تنهن هوندي اهڙا قانون بڻائڻ جو اختيار ناهي ان ويلڊ هجن جڏهن ته آئون اهو نٿو مڃان ته ڪو ڦورو پارٽي جو صدر ملڪ تي حڪومت ڪري،  وزير اعظم چوي ٿو ته  آئون ته رڳو نمائندو آهيان. سلمان اڪرم راجا چيو ته نيلسن منڊيلا به ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته نيلسن منڊيلا تي سياسي ڪيس هو فوجداري نه جڏهن ته ڇا عدالت جي توهين ڪندڙ پارٽي صدر بڻجي سگهي ٿو، عدالتن جي توهين ڪندڙ رياست سان وفادار ناهي هوندو جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته آرٽيڪل 63 ون کي آرٽيڪل 17 ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.  جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چئي رهيا آهيو ته نااهل پارٽي جو صدر بڻجي سگهي ٿو، جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي نااهلي پارليامينٽ جي حوالي سان آهي ان ڪري آرٽيڪل 63 ون کي آرٽيڪل 17 ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، سياسي پارٽي جي ميمبرن جي مرضي آهي ته هو جنهن کي به سربراهه بڻائن. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته نااهل شخص پارليامينٽ جي ميمبرن کان اهي ڪم ڪرائيندو جيڪي هو پاڻ نٿو ڪري سگهي، سلمان اڪرم پنهنجن دليلن ۾ چيو ته پارٽي صدارت لاءِ پابندي هوندي ۽ ڇا نااهل شخص سياسي پارٽي ۾ سيڪريٽري جنلر يا سيڪريٽري فنانس جو عهدو نٿو رکي سگهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا قتل ۽ ڌاڙي واري ڪيسل ۾ سزا ڪاٽيل خص سياسي پارٽي بڻائي سگهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته الله نه ڪري جو ڪو چور پارٽي جو صدر بڻجي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *