پي ايم ڊي اي تي تجويزون منظور ٿيون ته ٺيڪ نه ته تبديل ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ( پي ايم ڊي اي) تي اڃا تائين تجويزون آهن، جيڪڏهن تجويزون منظور ٿي ويون ته ٺيڪ، نه ته تبديل ڪنداسين. اسلام آباد ۾ سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اسان غير ملڪي فرام ورڪ فالو ڪيو ۽ سڀني ڌرين کي چيو ته پنهنجي راءِ ڏين، پي ايم ڊي اي تي اڃا تائين تجويزون آهن، جيڪڏهن تجويزون منظور ٿي ويون ته ٺيڪ، نه ته تبديل ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي آئڊياز تي اتفاق ناهي ٿيو ته ان کي ڪڏهن به نه آڻينداسين، اسان تجويز ڏني آهي ته ميڊيا ۽ حڪومت تي ٻڌل 8 رڪني ڪميشن هجڻ گھرجي. واضح رهي ته پاڪستان جي صحافي تنظيمن ڄاڻايل پاڪستان ميڊيا اٿارٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. صحافتي تنظيمن گڏيل بيان ۾ چيو ته ڄاڻايل پاڪستان ميڊيا اٿارٽي صحافت ۽ اظهار جي آزادي جي خلاف آهي، ان جو مقصد ميڊيا جي سڀني شعبن کي رياست جي ڪنٽرول ۾ آڻڻ آهي. ميڊيا تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو گڏيل اجلاس گھرائي ڄاڻايل پاڪستان ميڊيا اٿارٽِ کي رد ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *