اليڪشن ڪميشن جو اپوزيشن ڏانهن لاڙو وڌيڪ آهي: فرخ حبيب جا الزام

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اها فيڪ نيوز اهي ته پي ايم ڊي اي تي ڪوئي آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪوئي مسودو تيار آهي جڏهن ته ڪميٽي جي ڪنوينر مريم اورنگزيب چيو ته جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيسنز پرٽيڪشن بل کي جلد انساني حقن واري قائمه ڪميٽي مان پاس ڪري ايوان ۾ آڻي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائينداسين اربع تي هتي قومي اسيمبلي جي اطلاعات بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ڪميٽي يمبر ڪنول شوزب، نفيسه شاهه، پي بي اي، سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدار شريڪ ٿيا ۽ پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيو فرخ حبيب بريفنگ ڏيندي چيو ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي ايم ڊي اي تي ڪوئي آرڊيننس آڻي رهيا آهيون اسان پي ايم ڊي اي تي مشاورت ڪري رهيا آهيون ان جو چوڻ هو ته سب ڪميٽي جي سربراه مريم اونگزيب پاران احتجاجي ڪئمپ ۾ وڃي پي ايم ڊي اي کي ڪارو قانون چئي رد ڪيو ڇا اهو سٺو نه ٿئي ته سڀ ڪميٽي جي سربراهه غيرجانبدار رهي ها ۽ پنهنجو موقف هن فورم تي پيش ڪري ها. فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ ملڪ جا پنج وڏا پريس ڪلب، پي ايف يو جي سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاحمشورا ڪيا ويا آهن، پيمرا اي بي سي، پريس رجسٽرار، پريس ڪائونسل، موشن پڪچرز ۽ ٻي ميڊيا بابت ادارا آهن ان کي پي ايم ڊي اي ڇٽي هيٺ گڏ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ان کان پوءِ ڪنهن ملازم کي فارغ نه ڪيو ويندو هن چيو ته ميڊيا ڪمپليڪنٽ ڪميشن ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواستن تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن جو فيصلو ميڊيا ٽربيونل ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو جتان 21 ڏينهن فيصلو ٿيندو هن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو پاڪستان ميڊيا ديولپمينٽ اٿارٽي ڪنهن به صورت ميڊيا ڪمپليڪنٽ ڪميشن تي اثرانداز نه ٿيندي هن چيو ته ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن جي لاهور ملتان، سکر، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ موجودگي هوندي هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون او ٽي ٽي پليٽ فارم کي ليگل ڪور ڏيڻ چاهيون ٿا ڊجيٽل ميڊيا جي لائسنسنگ نه پيا ڪريون ان کي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *