دنيا جي جمھوريت آخري ڪوڪي تي اٽڪيل، عدليه کي اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو: اسد عمر

اسلام آباد (اين اين آءِ) ترقي ۽ سڌارن جي وفاقي وزير اسد عمر چيو اهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڳالهائڻ گهرجي 2007 ۾ عدليه جي حُالي سان مهم هلي ته ان وقت به رستن تي نڪتا هئاسين آزاد عدليه کان سواءِ جمهوريت جو تصور ئي نه آهي، عالمي يوم جمهوريت جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر ڇيو ته سڄي دنيا ۾ شدت پسندي، اڻ سهپ وڌي رهي آهي، ۽ ووٽر ئي شدت پسندي جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي سوچ کان مٿانهو هو ته آمريڪا ۾ ڪانگريس تي به حملو ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ احتساب جو هڪ اهڙو نظام هجڻ گهرجي جيڪو جيڪڏهن ڪير به غلطي ڪري ته ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سزا ملي سگهي آزاد عدليه کان سواءِ جمهوريت مڪمل نه آهي اسد عمر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ملڪ اندر جمهوريت مضبوط ٿي آهي، جڏهن ته ان ۾ اڃا وڌيڪ بهتري جي گنجائش آهي هن چيو  ته پارليمان کي پنهنجي ذاتي مفاد کي اڳتي وڌائڻ لا3 استعمال ڪرڻ جمهوريت نه آهي عوام ڪنهن کي به ذاتي مفادن لاءِ ناهي چونڊيو پارليمان ۾ ذاتي مفاد نظر نه اچڻ گهرجن. هن چيو ته قائمه ڪميٽي پارليماني نظام جو روح آهي اتي ريسرچ ۽ حڪومت تي نگراني جي سهولت هئڻ گهرجي پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينت اٿارٽِ قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين صحافت ۽ صحافي آزاد نه هجي جمهوري معاشرو ۽ جمهوري نظام نٿو ٺهي سگهي هن چيو ته فواد چوڌري سميت ڪنهن به وزير وٽ اهڙو اختيار نه هئڻ گهرجي ته اهو ڪنهن صحافي کي سچ ڳالهائڻ کان روڪي سگهي جيڪڏهن ان وٽ اهڙا اختير هوندا ته جمهوريت ڪمزور ٿيندي هن چيو ته جيڪڏهن 22 ڪروڙ پاڪستانين کي ڪوڙي خبر سان محفوظ ڪرڻ به جمهوريت جو حصو آهي ۽ جيڪڏهن فواد چوڌري اهو نه ڪري ته به اهي پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندا وفاقي وزير چيو ته ڪوڙي خبر روزاني جي بنياد تي ڦهلجي رهي آهي ۽ ڪوئي ان حقيقت کي پٺتي نٿو ڏئي سگهي هن چيو ته جيڪڏهن مان پارليمان ۾ بل آڻيان ته اڄ کان سمورا ريگيوليٽ ختم ڪيا وڃن ته شام تي ميڊيا تي ڪهڙو تبصرو هوندو. ڇا ميڊيا ان کي سڄو نظام چوندو هن چيو ته نئين ميڊيا ڊيولپمينت اٿارٽي کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڳالهائڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *