پي ايس ايل ميچ 12 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان، ڪرونا جي 15 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ هيئر تائين ڪورونا وائرس جي 15 مثبت ڪيسن جي تشخيص ٿي چڪي آهي ۽  اهي سمورا ڪيس ٻاهر کان سفر ڪري پهچڻ وارن ۾ تشخيص ٿيا آهن انهن مان ڪوبه ڪيس هتي رهندڙ وارن ۾ تشخيص نه ٿيو آهي. هن چيو ته ان جو مطلب هي آهي ته اسان کي ايئرپورٽ تي ايران، افغانستان، اٽلي ۽ اهڙي طرح جي ٻين ملڪن مان ايندڙ مسافرن جي پرگهور لهڻ لاءِ وڌيڪ سجاڳ رهڻو پوندو ۽ شڪي ماڻهن (جيڪڏهن آهن ته) انهن کي شهر ۾ آڻڻ بدران اتي ئي قرنطينه ۾ رکڻو پوندو. اها ڳالهه هن اڱاري تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس جي 13هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وزير بلديات ناصر حسين شاهه، قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ميئر ڪراچي وسيم اختر، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، آئي جي سنڌ مشتاق مهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، سيڪريٽري گهرو کاتو عثمان اچڙ، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري صحت زاهد عباسي، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، ڪور5، رينجرز، ايف آئي اي، ايئرپورٽ سروسز، سول ايوي ايشن، ڊبليو ايڇ او، آغا خان اسپتال ۽ انڊس اسپتال ۽ جي نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 19 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 9 جي تشخيص مثبت آئي جڏهن ته 10 کي منفي قرار ڏنو ويو. اهڙي ريت، سنڌ ۾ ڪيسن جو انگ  15 ٿي ويو آهي جنهن مان ڪراچي ۾ 14 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس شامل آهن. ليب ٽيسٽ لاءِ  وڌيڪ ٻه نمونا موڪليا ويا آهن ۽ انهن جي نتيجن جو انتظار هلي رهيو آهي . اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علاج هيٺ سمورا 14 مريض مستحڪم آهن ۽ تندرست ٿي رهيا آهن. صحت کاتي 162 ليب ٽيسٽ ڪرايا آهن، جنهن مان 147 کي منفي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته 15 جي تشخيص مثبت آئي آهي. ٻه نتيجا التواءَ هيٺ آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهريون مريض تندرست ٿي گهر هليو ويو آهي جڏهن ته ٻيو مريض جيڪو 67 سالن جي عمر جو آهي وڌيڪ خطري وارو مريض هو اهو به اڱاري تي تندرست ٿي ويو آهي ۽ ان جو ٽيسٽ منفي آيو آهي ۽ سڀاڻي ان جو ٻيهر ٽيسٽ ڪيو ويندو. واضح رهي ته 167 زائرين پنهنجن گهرن تي قرنطينه ۾ آهن. قرنطينه ۾ موجود  25 زائرين پنهنجي آئيسوليشن جو عرصو 11 مارچ تي مڪمل ڪندا. 34 زائرين 12 مارچ تي، 66 زائرين 13 مارچ تي پنهنجي آئيسوليشن وارو عرصو مڪمل ڪندا. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي روزاني اٽڪل 4000 مسافر لهندا آهن، تنهن ڪري انهن جي اسڪريننگ جو بندوبست فول پروف ڪرڻو پوندو. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي حڪومت سان ڳالهائي ۽ ان کي درخوست ڪئي وڃي ته هو ڪورنا وائرس جي شڪي ماڻهن لاءِ  ايئرپورٽ تي قرنطينه جو بندوبست ڪري. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته نمونيا ڪورونا وائرس جي علامت وارن مسافرن مان ڪنهن کي به هوائي اڏي کان ٻاهر نه آندو وڃي ۽ نه ئي ان کي ٻين آڏو ظاهر ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري وڏي وزير کي ٻڌايو ته صحت کاتي ايئرپورٽ تي 32 پيشه ور ماڻهن کي تعينات ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته اهي هوائي اڏي تي صحت واري عملي کي ٻيڻو وڌائي رهيا آهن  ته جيئن ايندڙ مسافرن جي صحيح جانچ ڪري سگهجي. وڏي وزير جي هدايتن تي، خانگي اسپتالن 691 مريضن جو ڊيٽا شيئر ڪيو ۽ انهن مان ڪنهن جي به تشخيص مثبت نه آئي آهي. خانگي اسپتالن جو اهڙي طرح جو ڊيٽا روز صحت کاتي کي ٻڌايو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن ڪائونٽرز تي هيلٿ ايجوڪيشن ۽ اسڪريننگ ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي. صحت کاتي پروفيشنلن، ڊاڪٽرن/پيراميڊيڪل اسٽاف کي ڊبليو ايڇ او ذريعي خاص سکيا ڏيندو.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ٻيو اهم فيصلو وٺندي پي ايس ايل ميچ  12 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. وڏي وزير چيو ته پي ايس ايل جا ميچ شهر ۾ پهرين ڪرائڻ وارو پروگرام اڳواٽ ئي طئي ٿيل هو. هن چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن شيڊول موجب پي ايس ايل ميچن جي انعقاد لاءِ  ضروري بندوبست ڪن. پر آئون چاهيان ٿو ته اوهان شائقين لاءِ  هڪ ايڊوائزري جاري ڪريو. وڏي وزير مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي کي پي سي بي عملدارن سان اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ سمورن احتياطي تدبيرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير انهن تي زور ڀريو ته اهي اسٽيڊيم ۾ هينڊ واش سينيٽائزر بڪس لڳائين ۽ اهي ماڻهو جنهن ايران جو سفر ڪيو آهي انهن کي اسٽيڊيم نه اچڻ جو مشورو ڏين. ڪمشنر ۽ پي سي بي جا عملدار صحت کاتي پاران اڳواٽ جاري ڪيل ايڊوائزري موجب هڪ تفصيلي حفاظتي /احتياطي پلان تي ڪم ڪندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *