چيني صدر ڪورونا وائرس تي مڪمل ڪنٽرول آڻڻ کي ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب متاثر صوبي هوبئي ۽ ان جي شهر ووهان ۾ وائرس تي مڪمل طور تي قابو آڻڻ جو ڪم اڃا به ڏکيو آهي. چيني صدر شي جن پنگ ووهان تي قابو آڻڻ لاءِ قائم ميڊيڪل سينٽر جو دورو ڪيو. شي جن پنگ طبي عملي ۽ ماهرن سان ملاقات ڪئي ۽ وائرس جي علاج ۽ ان حوالي سان ڪيل تحقيق تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي چيني صدر چيو ته صوبي هوبئي ۽ ووهان ۾ ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪم اڃا به ڏکيو آهي، اسان جو پهريون مقصد ووهان ۽ هوبئي ۾ صورتحال کي تبديل ۽ مستحڪم ڪرڻ آهي جيڪو اسان حاصل ڪري چڪا آهيون. واضح رهي ته چين جي شهر ووهان مان پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سبب سموري دنيا ۾ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک 16 هزار کان وڌي چڪو آهي جڏهن ته فوتگين جو انگ 4 هزار کان به ٽپي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *