وزيراعظم 18هين ترميم جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي: اختر مينگل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي اتحادي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته وزيراعظم جو بلوچستان جا وسيلا کپائي ملڪي قرض لاهڻ جو بيان صوبائي خود مختياري ۾ مداخلت جي برابر آهي. قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران اختر مينگل حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم چيو آهي بلوچستان جا وسيلا کپائي ملڪي قرض لاٿو ويندو، ڇا اهو بيان صوبائي خود مختياري ۾ مداخلت جي برابر ناهي؟ چاهيان ٿو ته وزيراعظم جي بيان تي پارلياماني معاملن وارو وزير وضاحت ڏئي. هن چيو ته وزيراعظم جو بيان 18هين ترميم جي کليل ڀڃڪڙي آهي، توهان بلوچستان کي ڏنو ڇا آهي جو اسان جا وسيلا کپائي رهيا آهيو، قدرتي گئس کانپوءِ هاڻ ٻين وسيلن تي به منصفاڻي ورڇ نظر نه پئي اچي، هن وقت به بلوچستان جي ٽن ضلعن کي بجلي ايران مان ملي رهي آهي، 1972 کانپوءِ مسلسل آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ اسان ٻڌندا هئاسين ته فتح ڪيل علائقي جي دولت کي مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪئي ويندي هئي، ڪٿي بلوچستان کي ته فتح ڪيل علائقو ناهي سمجهيو ويو؟ سينڊنگ ۾ 300 بلين سون ۽ چاهدي جا ذخيرا ٻڌايا ويا آهن، جيڪڏهن اتان 100 ارب رپين جي آمدني ٿي رهي آهي ته رڳو 2 ارب ڊالر بلوچستان کي ڏنا پيا وڃن، باقي سڄو پئسو وفاق يا چين کڻي ويندو، بلوچستان ڪاڏي ويو؟ اختر مينگل جي تقرير تي جواب ڏيندي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته عمران خان انهن چند قومي اڳواڻن مان آهي، جن جو ڪنهن علائقي سان بغض ناهي، سندس ڀرپور ڪوشش آهي ته سڀني علائقن جي ماڻهن کي انهن جو مڪمل حق ملي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ڪابينا ڊويزن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهڙي ڪنهن پي ايس ڊي پي کي هٿي نه ملندي، جنهن ۾ اڳوڻو فاٽا ۽ بلوچستان شامل نه هجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *